سعودي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي

جده (اي پي پي)سعودي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي ريڪاڊ ڪئي وئي آهي، سعودي گولڊ  مارڪيٽ ۾ 24 قيراط هڪ گرام سون جو اگهه 22.811  ريال، 22 قيراط هڪ گرام0 209.1 ۽ 18 قيراط 171.08 ريال رهيو  جڏهن ته 21 قيراط هڪ گرام سون 199.60.55 ريال ۾ وڪرو ٿيو، گولڊ مارڪيٽ ۾ 21 قيراط 8 گرام واري گني 1916.12ريال، 22 قيراط هڪ گرام جي گني 2007.37ريال جڏهن ته 24 قيراط جي هڪ گرام واري گني 2189.86 ريال ۾ وڪرو ٿي.

سعودي ولي عهد سان برطانوي وزيراعظم جو ٽيليفون تي رابطو

رياض (اي پي پي) سعودي ولي عهد وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ سان ٽيليفون تي رابطوڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ميڊيا  رپورٽن موجب سعودي ولي عهد  کي برطانوي وزيراعظم  چيو ته برطانيا سعودي سان گهرن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، هن چيو ته برطانيا علائقائي استحڪام ۽ سعودي عرب جي امن جي تحفظ جو پابند آهي، جڏهن ته سعودي عرب جده ڳالهين جي ميزباني کانپوءِ يوڪرين جي حوالي سان هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ برطانيا وچ ۾ گڏيل سهڪار ۽ سمورن شعن ۾ سهڪار کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ وارين ڪوششن جو جائزو ورتو. سعودي ولي عهد چيو ته سندن ملڪ روس_يوڪرين بحران جي سياسي حل  ۽ امن استحڪام لاءِ ڪوششون جاري رکندو.

ڊيره مراد جمالي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 5 ڄڻا فوت

ڊيره مراد جمالي (اي پي پي)ڊيره مراد جمالي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ئي گهر ۾ زال مڙس ۽ سندن ٻن پٽن سميت 5 ماڻهو فوت ٿي ويا. پوليس موجب ڊيره مراد جمالي جي پاڙي گهي مل ۾ بجلي  جو ڪرنٽ لڳڻ سبب عبدالحئي شيخ، سندس گهرواريءَ مسمات صبيحه بي بي، ٻه حافظ قرآن پٽ محمد عظيم ۽ عبدالقيوم شيخ جڏهن ته ٻي گهر ۾ اي سي هلائيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب محمد اڪرم لهڙي فوت ٿي ويا. لاشن کي پاڙي وارن ۽ پوليس اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. وارثن جو چوڻ هو ته پاڙي جو ٽرانسفارمر مرمت ڪري لڳايو ويو هو، لوڊشيڊنگ کانپوءِ جيئن ئي بجلي آئي ته سنگل فيس بدران ٿري فيس ٿي ويو ۽ گهرن ۾ سمورو بجلي تي هلندڙ سامان سڙي ويو ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب اهو واقعو پيش آيو.

 

سعودي آرامڪو 12 مهينن ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش ڪمپني بڻجي وئي

رياض (اي پي پي) سعودي آرامڪو 12 مهينن ۾ دنيا جي سڀ کان وڌي منافعي بخش ڪمپني بڻجي وئي. سعودي ميڊيا موجب فوربز جي رپورٽ ۾ سعودي آرامڪو هڪ دفعو ٻيهر دنيا جي سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش ڪمپني بڻجي وئي آهي. 12 مهينن جي مالياتي انگن اکرن موجب 5 مئي 2023ع تائين سعودي عرب جي ملڪيتي تيل ڪمپني کي 156.36 ارب ڊالرن جو مافعو ٿيو. سعودي آرامڪو ٻي نمبر تي امير ترين ڪمپني ايپل جي ڀيٽ ۾ نمايان طور تي وڌيڪ منافعو ڪمايو. ايپل جو منافعو 94.32 ارب ڊالر هو ، فوربز موجب ايگزون، الفابيٽ، انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل بئنڪ آف چائنه، چائنا ڪنسٽرڪشن بئنڪ ۽ شيل دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ منافعو ڪمائيندڙ ڪمپنين ۾ شامل آهن. واضح رهي ته هلندڙ سال جي ٻي ٽه ماهي دوران 30.08 ارب ڊالر جو منافعو گذريل سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 38 سيڪڙو گهٽ هو، آرامڪو جو چوڻ آهي ته آمدني ۾ گهٽتائي ڪچي تيل جي گهٽ قيمتن ۽ ريفائننگ ۽ ڪيميڪل مارجن ۾ گهٽتائي سبب ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.