ٽنڊو آدم ڀرسان ڦرلٽ جي ڪوشش دوران چنگچي ڊرائيور قتل

ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊو آدم ڀرسان ڦرلٽ جي ڪوشش دوران چنگچي رڪشا ڊرائيور قتل، ٽنڊو آدم ٻيراڻي روڊ تي نامعلوم ھٿياربندن پاران ٽنڊي آدم مان سبزي ۽ ٻيو سامان خريد ڪري ويندڙ پورھيتن جي چنگچي رڪشا کي بيهارڻ جو اشارو ڏنو گاڏي نه بيهارڻ تان ڦورن سڌيون گوليون ھنيون، نتيجي ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ 27 ورھين جو پورھيت اختر حسين مھر گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي ٻيراڻي پوليس واقعي هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال ٽنڊو آدم آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.  وارثن لاش ٻيراڻي ٿاڻي اڳيان رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو، وارثن جو چوڻ آهي ته قتل ۽ ڦرون ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن اسان جو مطالبو آهي ته قاتلن تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.