ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جا واقعا، 3 ڄڻا قتل، 7 زخمي

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار  فائرنگ جي واقعن ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ پوليس اھلڪار سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي  پيا، منگھو پير روڊ تي سرڪاري ھينڊريٽ پلانٽ منگھو پير ويسٽ جي ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن جي  فائرنگ جي نتيجي ۾ 40 سالن جو ابراھيم خان ولد محمد شفيق قتل ٿي ويو، پوليس موجب واقعو ڦر مذاحمت جو نتيجو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون، سرجاڻي ٽائون ٿاڻي جي حد خدا جي بستي ڀرسان پاڪستان ھوٽل سرجاڻي ۾ نامعلوم ھٿياربندن جي  فائرنگ ۾ ابراھيم ھڱورو ولد جان محمد قتل ٿي ويو، ذريعن موجب مقتول ابراھيم نادرن باءِ پاس تان سوزڪي ۾ڳئون کڻي وڃي رھيو ھو، ملير ڪينٽ جي ايريا ملير گلشن روم ڀرسان احرام ريزيڊنسي ڀرسان جھنگ مان گوليون لڳل 46 سالن جي محمد اڪبر ولد عيسي جو لاش مليو، پوليس پھچي لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، پير آباد جي نصرت ڀٽو ڪالوني ايف 11 بس اسٽاپ لڳ  فائرنگ ۾ 12 سالن جو نينگر حمدن ولد حنيف زخمي ٿيو، گلشن اقبال ۾  فائرنگ ايس ايس يو پوليس جو اھلڪار سڪندر خان ولد علي بخش زخمي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.