مانجهند ۾ عورت جي آزادي لاءِ ڌرڻو، 25 آگسٽ تي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو اعلان

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) مانجهند ۾ 15 ڏينهن اڳ مڙس جي عيوضي ۾ کنڀيل ڳورهاري عورت آزاد نه ٿي سگهي، نوابشاهه پوليس خلاف ڇهين ڏينهن به احتجاج، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي  ڌرڻو، 25 آگسٽ تي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، 15 ڏينهن اڳ نواب شاهه پوليس هٿان  شڪي جوابدار مڙس شير محمد حاجاڻو جي عيوضي ۾ کنڀي گم ڪيل عورت حسنا حاجاڻو جي آزادي لاءِ حاجاڻا برادري، ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين جي سوين ماڻھن جسقم جي سينئر مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي ڊويزنل صدر حيدرآباد خدا بخش ٿيٻو، علي نواز ڪنڀر، يوسف عمراڻي، جسقم جي گلشير کوسو، شاهه عنايت برهماڻي، ايس ٽي پي جي شوال ڏيٿو گلزار ملاح ، وارثن محمد صالح حاجاڻو ۽ غلام رسول حاجاڻو جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار مان ريلي ڪڍي ڇهين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ڌرڻو پڻ هنيو ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهو ڪهڙو قانون آھي ته مڙس جي ڏوهه ۾ سندس گهر واري کي گرفتار ڪجي، اصل ڏوهاري قانون کان ڏاڍا ٿي ويا آھن، نوابشاهه پوليس ڏوهارين وانگر گهرن ۾ داخل ٿي 4 ٻارڙن جي ماءُ ۽ 8 مهينن جي ڳورهاري عورت حسنا حاجاڻو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، جنهن جي ملاقات تي به بندش وڌي وئي آھي جنهن ۾ وارثن کي حمل ضايع ٿيڻ جو خدشو آھي کيس جلد آزاد نه ڪيو ويو  ته 25 آگسٽ تي انڊس هاءِ وي مانجهند  تي عورت جي آزادي تائين ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.