ڪراچي (رپورٽر ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس/ وڊيو لنڪ اجلاس ۾ سنڌ پوليس جي ملازمن جي ڀلائي، علاج معالجي، پوليس اسپتالن جي بحالي، سينٽرن ۾ قائم ٽريننگ ڪاليجن، اسڪولن ۽ ڊسپينسرين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلا ڪيا ويا، اي آءِ جي ويلفيئر سنڌ عرفان بهادر پوليس اسپتال ڪراچي جي بحالي ۽ دوائن جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني جنهن تي آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته 139.2 ملين دوائن جي خريداري/ٽينڊر جي عمل کي سينٽرلائز ڪيو وڃي ۽ معياري دوائن جي خريداري لاءِ ٽينڊر ڪيا وڃن ۽ پوءِ اهي دوائون خريد ڪري سنڌ پوليس جي سمورن رينجز/ٽريننگ سينٽرن ۽ ڪاليجن کي فراهم ڪيون وڃن، هن وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪار نوجوانن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي بهتر ۽ معياري طبي سهولتون ۽ دوائون فراهم ڪري سگهن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته پوليس اسپتالن ۾ ماهر پيٿولوجسٽ جي خدمتن کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن بيمارين جي صحيح تشخيص ۽ علاج ٿي سگهي ليبارٽري ٽيسٽ ڪامياب ٿي سگھن ٿيون.
عدالت منظور قادر ڪاڪا جي بيماري ۽ جيل منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي
ڪراچي (رپورٽر)صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت نسله ٽاور جي مرڪزي جوابدار منظور قادرڪاڪا جي بيماري ۽ جيل منتقلي جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي، منظورڪاڪا کي سنيٽرل جيل کان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل آفيسر جي سفارش تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، عدالت پنهنجي حڪم نامي چيو آهي ته چيف ميڊيڪل آفيسر سينٽرل جيل لکت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي .
ڪراچي ۾ تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ شاھراع فيصل ٿاڻي جي حد ڊالميا قبرستان جي ڀرسان ايڇ بي ايل بئنڪ ڀرسان اڻڄاتل تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ پوليس اھلڪار عميس ولد سھيل افضل فوت ٿي ويو. فوتي پوليس اھلڪار جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي تي مقرر ھو سندس لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ جناح اسپتال پھچايو ويو.