نگرانن کان رليف جي اميد ختم، پيٽرول سستو نه ٿيندو: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ بابت نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پيٽروليم شيون مهانگيون خريد ڪري سستيون وڪرو نٿا ڪري  سگهون. نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته پهريون اجلاس ٿيو، حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت کي بهتر ڪرڻ آهي، ڪابينا کي سرڪاري خرچ گهٽائڻا پوندا، آئين ۽ قانون تحت نگران حڪومت جون جيڪي به ذميواريون آهن،  اهي پوريون ڪنداسين، وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ آزاد، شفاف ۽ پرامن چونڊن لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ٿي، ملاقات ۾ اسان کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي آهي، اليڪشن جي پهرئين ڏينهن ووٽ نگران وزيراعظم ۽ پوءِ ڪابينا جا ميمبر وجهندا. سندس چوڻ هو اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته پنهنجي حلف جي پاسداري ڪيون، پنهنجون ذميواريون آئين ۽ قانون موجب انجام ڏيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.