سهيل راڄپوت کي هٽايو ويو، محمد فخري چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر

ڪراچي(رپورٽر)  وفاقي سرڪار سنڌ جي چيف سيڪريٽري سهيل راڄپوت کي هٽائي ڇڏيو، محمد فخري عالم عرفان نئون چيف  سيڪريٽري مقرر ٿي ويو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هائونسگ ۽ ورڪس ڊويزن جي سيڪريٽري 22 هين گريڊ جي ڊاڪٽر محمد فخري عالم عرفان کي بدلي ڪري سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي صحت ٺيڪ آهي، ڏاڙهي وڌي وئي آهي: وڪيل

اٽڪ(م ڊ) ڊسٽرڪٽ جيل اٽڪ ۾ قيد تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان سندس  وڪيل عمير خان ملاقات ڪئي، جيڪا هڪ ڪلاڪ تائين سپرنٽينڊنٽ جي ڪمري ۾ رهي. ملاقات کانپوءِ عمير خان نيازي ۽ شعيب شاهين قانوني ٽيم سان گڏ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ نعيم حيدر ، بئريسٽر گوهر علي خان، سمير کوسا ايڊووڪيٽ، علي آغا زبغار، بئريسٽر مبشر اعواڻ ۽ ٻين وڪيلن شامل هئا ۽ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي  طبعيت ٺيڪ آهي، هن جي ڏاڙهي وڌي وئي آهي، هاڻي هن کي آئينو مليو آهي، هو شيو ڪندو. هن چيو ته گذريل ڏينهن ايف آءِ اي جي ٽيم سائيفر تي پنهنجو پراڻو موقف ورجايو آهي، ڪجهه اهم معاملن تي وڪيلن سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد ميڊيا کي ٻڌايو ويندو.

نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ واپاري اڳتي اچن:وقار حيدر رضوي

ڪراچي(رپورٽر) نوجوان نسل کي بدانتظامي کان روڪڻ ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ واپاري برادري اڳيان اچي.اينٽي نارڪوٽيڪس فورس جي منشيات فروشن خلاف زيرو ٽاليرنس جي پاليسي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار اينٽي نارڪوٽيڪس فورس جي ريجنل ڊائريڪٽريٽ ڪمانڊر برگيڊيئر سيد وقار حيدر رضوي ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) جي دوري دوران ڪيو، تقريب ۾ ڪاٽي جي صدر فراز الرحمان، ڊپٽي سرپرست جنرل زبير ڇھايا، سينيئر نائب صدر نگهت اعواڻ،نائب صدر مسلم محمدي، جوائنٽ ڊائريڪٽر ڪرنل انور حسين،ڪرنل رٽائرڊ پرويز حسين ۽ ٻيا واپاري ۽ صنعتڪار پڻ موجود هئا برگيڊيئر سيد وقار حيدر رضوي وڌيڪ چيو ته هيلپ لائن 14 ۽ 15 سهولتون شروع ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ منشيات فروشن بابت شڪايتون ۽ آگاهي ڏني وڃي ٿي،هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ منشيات فروشن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن سمورن ڏوهاري عناصرن کي چونڊي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي رهيا آهن، هن شرڪت ڪندڙن کي آگاهي ڏني ته منشيات فروشن لياري، منگهو پير، سکر ۽ ڪراچي جي ٻين هنڌن تي اي اين ايف پاران هلندڙ ماڻهن جي بحالي لاءِ قائم ڪيل سينٽرن ۾ جديد سهولتن سان گڏ انهن ماڻهن جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ملتان ۾ به جلد اسپتال جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو، هن چيو ته واپاري برادري خاص ڪري ڪاٽي جي نمائندن کي گهرجي ته هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ساٿ ڏين جڏهن ته نوجوانن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته نوجوان بيروزگاري ۽ پريشانيءَ کان تنگ اچي منشيات جو استعمال ڪري پنهنجون زندگيون برباد ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.