ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جي صلاح مشوري کانپوءِ اڄ 10 نگران وزير ڪابينا جو حصو ٿيندا، ذريعن موجب نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي ڪابينا ۾ 10 وزير شامل ٿيڻ جا امڪان آهن، نگران ڪابينا ۾ يونس ڍاڳا، خدا بخش مري، مبين جماڻي، حارث نواز، ڊاڪٽر جنيد شاهه، ڊاڪٽر سعيد نياز، رعنا حسين ۽ صديق ميمڻ جا نالا شامل آهن. نگران وزيرن جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿيندي ۽ گورنر ڪامران ٽسوري ڪابينا ميمبرن کي حلف کڻائيندو.