سياسي دٻاءُ قبول ناهي، غيرآئيني عمل جو حصو نه ٿيندس: رٽائر جسٽس مقبول باقر

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم  آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته کين مدد ڪجي ۽ آئون ڪنهن به غير آئيني يا غير قانوني عمل جو حصو نه بڻجندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن مزار قائد تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نگران ڪابينا بابت صلاح مشورا جاري آهن، ڪجهه ماڻهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون آهن ۽ توهان جلد اڳڀرائي ٿيندي ڏسندا.  هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪجهه نالا ايندا، ان کانپوءِ وڌيڪ نالا ايندا، ڪوشش ڪنداسين ته وڏي نگران ڪابينا نه هجي ۽ بهترين ماڻهن جي چونڊ ڪئي وڃي. هن چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ ٻه ٽي شيون ضروري آهن، آئين ۽ قانون جي بالادستي هوندي ته سڌار پاڻ ايندو، جيڪڏهن آئين ۽ قانون کان ٿڙياسين ته ڪجهه به بهتر نه ٿيندو.   نگران وڏي وزير چونڊون ملتوي ٿيڻ بابت چيو ته اسان کي وقت کان اڳ بي بنياد خدشا پيدا ڪرڻ نه گهرجن، عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، کين سهڪار ڪرڻ اسان جو فرض آهي پر آئون ڪنهن به غير آئيني يا غير قانوني عمل جو حصو نه بڻجندس. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته مون کي اهڙو ڪوبه اشارو نه مليو آهي ته صوبن ۽ وفاق ۾ احتساب جو عمل شروع ٿي رهيو آهي. احتساب مون سميت توهان جو ۽ سرڪاري آفيسرن جو پڻ ٿيڻ گهرجي پر قانون ۽ آئين جي دائري ۾ ٿيڻ گهرجي  هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين، قانون ۽ اصولن کانسواءِ اسان تي ڪوبه دٻاءُ ناهي ۽ نه ئي ڪو سياسي دٻاءُ قبول ڪنداسين. وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته آئون اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به عمل ۾ مداخلت نه نٿو ڪري سگهان .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.