نيب ترميم، جسٽس منصور پاران فل ڪورٽ جي تجويز، فيصلو نه ڏيڻ شرمساري هوندي: چيف جسٽس

اسلام آباد  (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته نيب جي ترميمن خلاف ڪيس تمام وڏو ۽ اهم ڪيس آهي، رٽائر ٿيڻ کان اڳ مون کي هر صورت ۾ ان جو فيصلو ڏيڻو پوندو. چيف  جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيو ته فيصلو نه ڏئي سگهيس ته اهو منهنجي لاءِ شرمساريءَ جو سبب هوندو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته منهنجي تجويز آهي ته هن ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙي وڃي  چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته 28 آگسٽ کانپوءِ روزاني بنياد تي ڪيس ٻڌنداسين.  جسٽس منصور علي شاهه فل ڪورٽ جوڙڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته عدالت پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس جو فيصلو ڪري يا فل ڪورٽ جوڙي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ نيب ترميمن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي فيصلو اچڻ اڃا باقي آهي. جسٽس منصور علي شاهه ملٽري ٽرائل ڪيس ۾ لکيل پنهنجي نوٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته منهنجي خيال سان اهو ڪيس فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي، اڄ به چيف جسٽس کي درخواست ڪيان ٿو ته نيب ترميمون فل ڪورٽ ٻڌي، اڃا تائين سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جو فيصلو ناهي ٿيو، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو فيصلو ٿي وڃي ها ته معاملو مختلف هجي ها، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 3 ۽ 4 تحت اهو ڪيس گهٽ ۾ گهٽ 5 رڪني بئنچ ٻڌي سگهي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه درخواستگذار جي وڪيل مخدوم علي خان کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي بينچ نيب ترميمي ڪيس جي ٻڌڻي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت جاري رکي سگهي ٿي. وڪيل مخدوم علي خان چيو ته مان جسٽس منصور علي شاهه جي نقطي سان متفق آهيان، تياري کانپوءِ ان نقطي تي عدالت جو ساٿ ڏيندس، عدالت نيب ترميم جي ٻڌڻي جي حد تائين ٻڌڻي جاري رکي سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته ڇا هي منفرد ۽ خاص ڪيس آهي جنهن کي قانون کي نظر انداز ڪري ٻڌو وڃي؟ جڏهن ته جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن واضح سمجهون ته هي ڪيس آرٽيڪل 184/3 تحت ٻڌي سگهجي ٿو ته پوءِ ٻڌڻي ٿيندي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مدد ڪريو ته هي بينچ ڪيس ڪيئن ٻڌي سگهي ٿي . جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪيس جون 47 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، پهرين ٻڌڻي ۾ به بنيادي حقن بابت سوال اٿاريا ويا هئا، جواب نه ڏئي سگهيو. وڪيل مخدوم علي خان چيو ته هن عدالت کي ٻڌايو آهي ته حڪومت نيب قانون ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون آهن، عدالت کي پنهنجي ڄاڻ ۾ بهترين سهڪار فراهم ڪيو، خواجا حارث گذريل ڪجهه عرصي کان پي ٽي آءِ چيئرمين جا اڪثر ڪيس هلائي رهيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان درخواستگذار جي وڪيل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اها ڳالهه اسان سمجهون ٿا پر مان نه ٿو سمجهان ته 2023ع ۾ ٿيل ترميمن جو جائزو وٺي سگهون ٿا، 2022ع جي نيب ترميمن کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو، نيب جون نيون ترميمون ۽ پنهنجا تحريري جواب جمع ڪرايو. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته هو ڪيس هلائڻ چاهي ٿو ڇو ته بينچ مان هڪ ميمبر رٽائر ٿيڻ وارو آهي. سپريم ڪورٽ نيب ترميمي ڪيس جي ٻڌڻي 28 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي چيو آهي ته 28 آگسٽ کان روزاني بنياد تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ضروري ناهي ته نيب ترميمن جي ميرٽ تي فيصلو ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.