وڳڻ ۾ پورهيت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قرآن پاڪ کڻي احتجاج

وڳڻ (ع آ نيوز) ٻه هفتا پهرين لعلورائنڪ واسي پورهيت روشن چانڊيو کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري ۽  پورهيت جي خون سان انصاف لاءِ وارثن مرد عورتن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو، ٻه هفتا اڳ لعلورائنڪ ڀرسان  ڳوٺ پيرو جج ۾ هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري بي دردي سان قتل ڪيل پورهيت روشن علي وراڻي چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي وڳڻ شهر ۾  احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن پاران دانهيو ته پورهيت روشن علي چانڊيو ڳوٺ کان شهر سودو وٺڻ لاءِ ويل هو ته واپسي تي تاڙ ۾ ويٺل لائق وراڻي چانڊيو ۽ سندس پٽن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، نتيجي ۾ روشن چانڊيو ٿڏي تي مارجي ويو ۽ سندس سان گڏ ٻه ننڍڙا معصوم پٽ سخت زخمي ٿي پيا، واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿي آهي پر پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ  بدران جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آندي پوليس قاتل ڌر کان پئسا وٺي خون لوڙهڻ چاهي ٿي، هنن گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري روشن علي وراڻي چانڊيو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.