جان محمد مهر جي قتل خلاف ڪراچي ۾ صحافين جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي شهيد جان محمد مھر جي قتل خلاف ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي سول سوسائٽي جي ماڻهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو. صحافين ايس ايس پي کي هٽائي مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ملڪ گير احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو . ان موقعي تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته جان محمد مهر جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، جان محمد مهر جو قتل جمهوريت خلاف سازش آهي، جان محمد جهڙي بهادر صحافين کي شهيد ڪري جمهوريت قوتن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو شعور يافته عوام برداشت نه ڪندو، شعيب احمد چيو ته سنڌ پوليس جو ايس ايس پي سکر هڪ پارٽي بڻجي ويو، جنهن تڪڙو بيان ڏئي ڪيس کي خراب ڪرڻ پئي چاهيو، وحيد راڄپر، اينڪر ليلا نثار مرکياڻي، جي ايم جمالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته جان محمد مهر جي وارثن کي نقصان پهتو ته ان جو ذميوار آءِ سنڌ ۽ نگران حڪومت هوندي، ڪجهه ماڻهن کي سامهون آڻي گرفتاري ظاهر ڪئي پئي وڃي جڏهن ته قتل پويان لڪيل بااثرن کي بچايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.