ڪراچي ۾ مهانگائي ۽ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف نوجوانن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ مهانگائي ۽ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن خلاف نوجوانن جو احتجاج، نوجوانن جي تنظيم "آلٽرنيٽ” جي اڳواڻن عاقب حسين، فائزه صديقي ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڪيو، مظاهري ۾ سون جي تعداد ۾ نوجوانن شاگردن، عورتن ۽ مردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي وڌندڙ مهانگائي ۽ پيٽرول قيمتن سميت عام واهپي جي شين جي اگهن کي گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو، نوجوانن جو چوڻ هو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب پڙهائي متاثر ٿئي پئي ، روز مرہ جي زندگي عذاب بڻجي چڪي آهي، پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن کان پوءِ ڀاڙا به مهانگا ٿي ويا آهن يونيورسٽين توڙي ڪاليج وڃڻ لاءِ به اسين پريشان ٿي ويا آهيون ڇاڪاڻ ته اڳوڻيون حڪومتون هجڻ يا هي نگران حڪومت ڪنهن به عوام کي پيسڻ ۾ ڪثر ناهي ڇڏي، آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدن جو اثر پاڪستاني غريب عوام تي پون ٿا. حڪومت کي ڊفالٽ ٿيڻ جو ٻڌائي عوام کي ڊفالٽ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.