شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس، وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سکر پوليس شھيد جان محمد مھر جي قتل ڪيس ۾ ھڪ ٻئي نامزد ڪيل جوابدار منور پٽ الاھي بخش مھر کي گرفتار  ڪري ورتو آھي ان ڏس ۾ ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو آھي ته سکر پوليس ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي جوابدر منور مھر کي گرفتار ڪري ورتوآھي جيڪو شھيد جان محمد مھر جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل ھو گرفتار ٿيل ٽنھي جوابدرن کي اي ٽي سي ڪورٽ ون جي جج عبدالرحمان قاضي جي  عدالت ۾ پوليس پهري هيٺ پيش ڪيو ويو ۽ پوليس جن جي جمساني ريمانڊ لاءِ  14 ڏينھن جي  استدعا  ڪئي پوليس استدعا  تي اي ٽي سي ڪورٽ جي جج عبدالرحمان قاضي 6 ڏينھن جي ريمانڊ تي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ياد رھي ته شھيد جان محمد مھر کي پنج  ڏينھن اڳ گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو ھو جنھن جي قتل جو ڪيس 6 ڃاتل ۽ 3 اڻڃاتل ۽ ستن سھولتڪارن مٿان سي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو جن مان پوليس ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدارن مان 3 جوابدارن بابر مھر ، بخشل  عرف بخشو مھر ۽ منور مھر کي گرفتار ڪري اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته سکر پوليس اڃا تائين شھيد جان مھر جا مک جوابدار گرفتار ڪري نه سگھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.