لکي غلام شاهه (ت ر) سکر ۾ شهيد ڪيل سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ فريادي وڏي ڀاءُ ڪرم الله مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سکر پوليس مکيه جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي گرفتار ٿيل سهولتڪار بخشڻ عرف بخشو مهر جي ڀاءُ راهب علي مهر ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سکر يا شڪارپور پوليس اسان کي انصاف ڏيارڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر تحفظ فراهم ڪرڻ کان پڻ لاچار ٿي وئي آهي، اسان آءِ جي سنڌ نگران وڏي وزير سميت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڊي آءِ جي سکر کان تحفظ ڏياري شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گهربل مکيه جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن شهيد جان محمد مهر جي فريادي ڀاءُ کي ڌمڪين ملڻ تي چڪ شهر جي سڄاڻ ڌرين پاران هڪ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو ٻئي طرف لکي غلام شاهه پريس ڪلب جي سڏ تي ڇنڇر ڏينهن لکي غلام شاهه شهر جي هاءِ اسڪول چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي ڌرين سميت صحافي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا ۽ سکر شڪارپور روڊ تي پرامن ڌرڻو هنيو ويندو.