جڙانوالا واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي:ڪميشن فار انٽر فيٿ

حيدرآباد(رپورٽر) ڪميشن فار انٽر فيٿ اينڊ هارموني جي اڳواڻ فادر ڊينل فياض ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ايڊوڪيٽ ايم  پرڪاش، پنڊت بابو لال، شعيه اڳواڻ غلام مرتضيٰ، سريوال رومس ڀٽي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جڙانوالا واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪري جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. هن چيو ته جڙانوالا واقعو انتھائي افسوسناڪ ۽ ملڪ کي بدنام ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي. هن چيو ته دنيا ۾ جتي به ڪنهن به مذهب جي توهين ٿي آهي ته ان جي پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادرين خاص طور مسيح برادري هميشه سخت مذمت ڪئي آهي ۽ مظلومن لاءِ پڻ خير جون دعائون گهريون آهن. هن چيو ته جڙانوالا واقعي ۾ عيسائي مذهب سان تعلق رکندڙ غريب ۽ مسڪينن جا 70 کان وڌيڪ گهر ساڙيا ويا ۽ انهن مان سرعام ڦرلٽ ڪئي وئي، جڏهن ته 21 چرچز (عبادت گاهن)کي ساڙيو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ مائنڊ سيٽ طبقو رهي ٿو جنهن خلاف اسان کي اٿڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.