لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف کي چونڊن ۾ مينڊيٽ مليو ته وزيراعظم هوندو. جيو نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ۽ جيڪڏهن مينڊيٽ ڏنو ته نواز شريف ئي وزيراعظم بڻجندو، نواز شريف منهنجو ليڊر آهي ۽ مان سندس ڪارڪن آهيان. هن چيو ته سياست ۾ ضد ڪرڻ بدران ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم جي حيثيت سان ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ سڀ کان وڏي ڪاميابي هئي.