اسلام آباد( م ڊ) اقليتي اڳواڻ سموئيل پياري جڙانوالا واقعي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ الڳ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته جڙانوالا واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 16 آگسٽ تي جڙانوالا ۾ مذهبي دستاويزن سميت چرچ کي باهه ڏني وئي هئي. ٻئي طرف جڙانوالا ۾ قرآن پاڪ جي توهين واري ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، جتي ٻنهي گرفتار جوابدارن وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا.