اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اقليتن کي نقصان پهچائيندڙن کي سختي سان منهن ڏينداسين، ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪيل واعدا پورا ڪنداسين ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ بهترين قدم کڻنداسين. نگران ڪابينا جي پهرئين اجلاس سان خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، اسان علامه اقبال ۽ قائداعظم جي نظريي تي عمل ڪري پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪنداسين ۽ مقرر وقت ۾ پاڪستان جي ترقي جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته مون کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي، اها هڪ تجربي ڪار ۽ بهترين ٽيم آهي، يقين آهي ته الله پاڪ اسان کي ڪامياب ڪندو ۽ سڀني وزيرن مان اميد رکان ٿو ته اهي پنهنجي پنهنجي وزارتن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. سندس چوڻ هو ته رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙن عنصرن سان گڏ ناهي، اڪثريت جو ڪم اقليت جو تحفظ ڪرڻ آهي، رول آف آرڊر سان ئي قانون جي حڪمراني آهي، اسان قانون جي حڪمراني تي سوديبازي نه ڪنداسين. نگران وزيراعظم 9 مئي تي تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري کانپوءِ پيش آيل واقعن تي به مايوسي جو اظهار ڪيو. هوڏانهن نگران اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران وزيراعظم جڙانوالا واقعي تي واضح ڪيو ته هو اسلام جي نالي تي ڪنهن به مذهب جي تذليل جي اجازت نه ڏيندو. رياست جي طاقت مظلومن سان گڏ بيٺل آهي، اسين اڪثريتي آهيون پر اڪثريتي راڄ جو انداز نه اختيار ڪنداسين. نگران ڪابينا جي پهرين اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت بابت سڀ کان وڏو ڪم اسان جي ملڪ جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي هلندو. هن چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته ملڪ چونڊيل نمائندا هلائيندا ۽ ان لاءِ توهان جي چونڊيل جمهوري حڪومت هوندي ۽ اهو آزاد، منصفاڻي، غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊن جي نتيجي ۾ ئي ممڪن آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل آهن، ڪنهن به فرد، فرقي يا قوم سان زيادتي جي اجازت نه ڏينداسين.