ڪراچي/راڻيپور(محمد علي نقرچ-فياض حسين راڄپر) فاطمه قتل ڪيس معاملو سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز پاران قبرڪشائي جي اجازت ڏئي ڇڏي ڪورٽ سڳوري ڪنڊيارو جي سول جج کي مئجسٽريٽ طور مقرر ڪري ڇڏيو، راڻيپور فاطمه قتل ڪيس معاملو راڻيپور پوليس پاران سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز کي قبر ڪشائي لاءِ درخواست ڏني جنهن تي سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز قبرڪشائي جي اجازت ڏني ڪورٽ سڳوري ڪنڊيارو جي سول جج کي مئجسٽريٽ طور مقرر ڪري ڇڏيو، عدالت سڳوري ڊي جي هيلٿ حيدرآباد سول جج ڪنڊيارو هيلٿ آفيس نوشهروفيروز پوليس اسٽيشن راڻيپور، خانواهڻ کي اهڙو خط موڪليو، عدالت سڳوري جو حڪم ملڻ کانپوءِ ڊي جي هيلٿ حيدرآباد پاران ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو بورڊ جوڙي ڇڏيو، بورڊ ۾ فازيڪ ميڊيسن جو اسپيشلسٽ هڪ پيٿالاجسٽ هڪ پوليس سرجن هڪ ايم ايس ڊاڪٽر لاڳاپيل شامل هوندو، اڄ قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو، ٻئي پاسي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر عهدو سنڀالڻ شرط راڻيپور جي ٻارڙي فاطمه جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، حويلي ۾ ٻارڙيءَ جي مبينا قتل واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڏني وئي، نگران وڏي وزير جي سي ايم هائوس پهچڻ تي پوليس پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت نگران وڏي وزير سان سي ايم هائوس جي عملي ۽ ڪامورن جو تعارف ڪراي، نگران وڏي وزير وقتي آءِ جي سنڌ کي راڻيپور ۾ قتل ڪيل ٻارڙي فاطمه جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻئي پاسي راڻيپور ۾ مبينا تشدد بعد دم ڏيندڙ نينگري فاطمه واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، فارنزڪ ٽيم اسد شاهه جي حويلي پهچي ڪمري مان شاهديون هٿ ڪري ورتيون، اي ايس پي گمبٽ جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي جي فارنزڪ ٽيم جاءِ واردات تان شاهديون هٿ ڪري واپس رواني ٿي وئي، هن جو چوڻ هو ته فارنزڪ ٽيم ڪيترائي ڪلاڪ حويلي ۾ موجود رهي هر رخ کان جاچ ڪندي رهي.
فاطمه ڦرڙو تي تشدد ڪيو ويو:سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي
ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي راڻي پور واقعي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. سيڪريٽري سوشل ويلفيئر شيرين ناريجو ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي نثار احمد شيخ واقعي جي فوري طور تي راڻي پور واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب 10 ورهين جي فاطمه کي گهريلو تشدد، بي حرمتي ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻاڻي جو انڪشاف ڪيو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مرڪزي جوابدار اسد شاهه، ايس ايڇ او ۽ ڊي ايڇ او حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل نثار شيخ چيو ته سنڌ حڪومت متاثر خاندان جي هر صورت ۾ قانوني ۽ اخلاقي مدد ڪئي ويندي ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
راڻيپور جي حويلي ۾ ٻارڙي جي موت خلاف مظاهرا
ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان) راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيل نينگري فاطمه فرڙو جي خون سان انصاف لاءِ جي ڊبليو سي ۽ سول سوسائٽي پاران مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، خيرپور ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو جنهن جي اڳواڻي جي ڊبليو سي جو مرڪزي اڳواڻ ذوالفقار خاصخيلي شوڪت نوناري، ظفر ابڙو، اظهر گل سرکي، غلام حسين چانگ خان محمد سولنگي ڌرڻي ۾ سول سوسائٽي ۽ شھرين سميت صحافين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نينگري فاطمه فرڙو جي قتل خلاف واپڊا ڪالوني جي نوجوان اتحاد پاران پريس ڪلب خيرپور پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻي محمد مٺل چنا محمد علي مھيسر ڪامران چنا عرفان شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر ، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ به سول سوسائٽي طرفان معصوم ٻارڙي جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته فاطمه ڦرڙو جو ناحق خون کي ڪنهن به صورت ۾ لوڙهڻ نه ڏنو ويندو ڪير ڪيترو به بااثر هجي ان سان رعايت نه ڪئي ويندي، ھنن چيو ته فاطمه ڦرڙو هر هڪ غيرتمند ماڻهو جي نياڻي جو قتل آهي، سنڌ ۾ روز نوان واقعي انتهائي افسوس جوڳي صوتحال پيدا ٿي وئي آهي، مک جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
9 مهينن کان پير وٽ نياڻي قيد هئي، تشدد ٿيل لاش ڏنو ويو: امڙ
راڻيپور: مقتول فاطمه ڦرڙو جي والدھ شبانه ڦرڙو جو نئون بيان سامهون اچي ويو ويو آھي. جنھن ۾ سندس جو چوڻ آهي فاطمه جو لاش کڻائي وارا جيڪي ڳوٺ آيا ھئا ته اسد شاھ انھن سان پيسا موڪليا ھئا. جيڪي مون لاءِ حرام هئا ۽ اھي نه ورتا. هن چيو آهي نون مهينن کان منهجي نياڻي پير وٽ قيد هئي. جنهن جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي. نياڻيءَ جي ناحق خون سان انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪنهن به دٻاءُ هيٺ نه ايندس جيستائين انصاف نه ملندو تيستائين خاموش ٿي نه ويهنديس.
فاطمه ڦرڙو جي والدين جي ايس ايس پي خيرپور سان ملاقات
راڻيپور: مبينا طور تشدد ۾ مارجي ويل نياڻي فاطمه ڦرڙو جي والدين شبانه ۽ سندس پيءُ نديم ڦرڙو جي ايس ايس پي خيرپور روحل خان کوسو سان ملاقات ٿي، جنھن ۾ ايس ايس پي خيرپور کين مڪمل يقين ڌياني ڪرائي ته کين کي مڪمل انصاف فراھم ڪيو ويندو ۽ نياڻي فاطمه جا رھيل جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ کين منطقي انجام تائين پھچايو ويندو. نينگريءَ جي والد نديم ڦرڙو ايس ايس پي سميت سموري پوليس فورس جي اعلي عملدارن تي اعتماد جو اظھار ڪندي چيو ته اسان کي يقين آھي ته اسانجي نياڻيءَ جي خون سان ضرور انصاف ٿيندو.
معاملي جي ھر رخ کان جاچ ڪئي ويندي: نعمان ظفر
راڻيپور :فاطمه قتل ڪيس ۾ مقرر انڪوائري آفيسر نعمان ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فاطمه قتل ڪيس ۾ جوابدار اسد شاھ گرفتار آھي جيڪو چئن ڏينهن جي رمانڊ تي آھي جوابدار کي گهر ناهي ڇڏيو ويو ڪيس کي لڪائڻ تي ايس ايش او راڻيپور امير چانگ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ وڏو منشي خان محمد شيخ کي گرفتار ڪري جاچ هلي رهي آهي اجالا ڦرڙو جي نئين بيان کي رڪارڊ تي رکيو ويو آھي ھر رخ کان جاچ ڪئي ويندي خيرپور ۽ نوشهروفيروز جي سيشن ڪورٽ جي حڪم بعد هيلٿ جي اڳواڻي ۾ بورڊ جوڙيو ويو آهي مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو