نواز شريف پاڪستان واپسي جي تاريخ نه ٻڌائي

لنڊن (م ڊ) لنڊن ۾ جڏهن نواز شريف کان هڪ صحافي پاڪستان واپسي بابت سوال ڪيو ته ان جواب ڏنو ته ٻڌائينداسين اوهان کي، وري  سوال ٿيو ته ڇا اوهان ن ليگ جي چونڊ مهم جي قيادت ڪندا، ان تي نواز شريف چيو ته انشاءُ الله، گذريل ڏينهن شريف فيملي جي ذريعن تصديق ڪئي هئي ته نواز شريف کي ان جي جماعت جي ڪجهه اڳواڻن سيپٽمبر جي وچ ۾ اچڻ تي اصرار ڪيو آهي، ذريعن موجب شريف خاندان جي وڪيلن ۽ سياسي ماڻهن نواز شريف يورپ جي دوري بعد وطن واپسي جو مشورو ڏنو هو، جڏهن ته ان جي تصديق ڪئي وئي آهي ته نواز شريف سيپٽمبر جي وچ ۾ پاڪستان پهچندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.