نگران وزيراعظم سان بلوچستان جي وفدن جي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي مختلف علائقن مان آيل وفدن ملاقات ڪئي.  ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفدن انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني  ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفدن جي نمائندن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ سياسي نظام ۽ ملڪي جمهوريت ۾ عوام جو يقين مستحڪم ڪري ٿي. وفدن وزيراعظم کي گلدستا پيش ڪيا ۽ ڪجهه ميمبرن وزيراعظم جي ذوق موجب ڪتابن جا تحفا پيش ڪيا .

جڙانوالا جو واقعو پوري قوم لاءِ شرمناڪ آهي: مفتي تقي عثماني

ڪراچي(م ڊ) ناليواري مذهبي اسڪالر مفتي تقي عثماني جڙانوالا سانحي تي ردعمل ۾ چيو آهي ته اسلام ۾ اهڙن عملن جي ڪا به گنجائش ناهي. ٽوئيٽر تي جاري  ڪيل بيان ۾ مفتي تقي عثماني لکيو ته جڙانوالا جو واقعو پوري قوم لاءِ شرمناڪ آهي، جيڪڏهن ڪنهن به گستاخي ڪئي آهي ته ان جو قانوني علاج موجود آهي. پنهنجي ردعمل ۾ مفتي تقي عثماني لکيو ته گرجا گهرن کي ساڙڻ يا پرامن عيسائي شهرين کي ڪنهن به ريت نقصان پهچائڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، اسلام ۾ اهڙن عملن جي ڪا به گنجائش ناهي..

ڏوهن جي لحافظ کان ڪراچي پهرين نمبر تي اچي ويو

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ جي شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب سنڌ حڪومت پاران امن امان تي اربين رپيا خرچ  ڪرڻ، هزارين اهلڪار ڀرتي ڪرڻ ۽ پوليس فورس کي جديد هٿيارن سان ليس ڪرڻ جون دعوائون سامهون اچي ويون آهن، ڏوهن جي لحاظ کان ڪراچي پهرين نمبر تي آهي. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾. سنڌ جي شماريات کاتي موجب سنڌ ۾ 67.5 سيڪڙو ڏوهن ڪراچي ۾ رپورٽ ٿي رهيا آهن، ڪراچي ڪار چوري ۽ ڦرلٽ ڪندڙن جي جنت بڻجي ويو، 6 سالن دوران ڪار چوري ۽ چوري جا واقعا 3858 مان وڌي 30 هزار 580 ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.