جسم جي مختلف حصن جي سن ٿيڻ واري ڪيفيت مان ته سڀ ڪو گذريو هوندو، هٿ، پير، ٻانهون ۽ ڄنگهون سُن ٿيڻ کانپوءِ ائين لڳندو آهي ته انهن جاين تي هزارين ڪِولين جو هجوم پيرن يا ڄنگهن تي گهمي رهيو هجي، جڏهن ته انهن کي ٿورو به چرپر ڏيڻ سان جسم ۾ سُيون لڳڻ جو احساس ٿيندو آهي.
عام طور تي ان ڪيفيت کي ڄنگهه، پير، هٿ يا ٻانهن کي ننڊ اچي وئي آهي جو چئي سڃاڻپ ڪئي وڃي ٿي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي هوندو طب ۽ سائنس جي دنيا ۾ انکي پيريس ٿيزيا چيو ويندو آهي.