هڏڪيون سڀني کي اينديون آهن جن بابت ڪجهه ماڻهن کي لڳندو آهي ته کين ڪو ياد ڪري رهيو آهي.
هڏڪي اسان جي جسم جي هيٺين حصي دُن کان شروع ٿي وات تائين پهچندي آهي.
عام طور تي هڏڪي ڪجهه منٽن جي اندر ختم ٿي ويندي آهي پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته هڪ ڪيس اهڙو به آهي جنهن جون هڏڪيون 68 سالن نه بيهجي سگھيون هيون؟
جي ها واقعي آمريڪي رياست آئيووا سان واسطو رکندڙ چارلس اوسبرن نالي شخص سان ائين ٿيو.
چارلس اوسبرن نالي شخص آبادگار هو ۽ 1922ع ۾ هو هڪ جانور ڇِڪي کڻي وڃي رهيو هو.
ان جانور پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ مزاحمت ڪئي جنهن جي شدت سبب چارلس اوسبرن زمين تي ڪِري پيو.
ان واقعي کان پوءِ فوري بعد آبادگار کي ڪجهه خاص محسوس نه ٿيو، گھٽ ۾ گھٽ ان وقت تائين جيستائين هو اٿي نه بيٺو.
پر جڏهن هو اٿي بيٺو ته سندس زندگي جي ڀوائتي خواب جي شروعات ٿي جيڪا 68 سالن تائين برقرار رهي.
ان ڏينهن کان هڏڪي شروع ٿي ڏينهن، هفتا ۽ مهينا گذري ويا پر اهي هڏڪيون ختم نه ٿيون.