هوم ورڪ ڇو نه ٿئي ڪيو! ڇوڪرو ماءُ خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ هڪ 10 ورهين جي ڇوڪري کي هوم ورڪ نه ڪرڻ تي پنهنجي ماءُ دڙڪا صفا نه وڻيا ججنهن تي هن پوليس ٿاڻي تي وڃي شڪايت داخل ڪرائي.

ميڊيا رپورٽن موجب چين جي شهر چونڪ ڪنگ ۾ هڪ 10 ورهين جو ڇوڪرو هوم ورڪ بابت پنهنجي ماءُ سان بحث ڪري رهيو پر ماءُ جي دڙڪا ڏيڻ تي ڇوڪرو گھران ڀڄي ويو ۽ سڌو مقامي ٿاڻي پهچي شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي ۽ پاڻ کي يتيم خاني موڪلڻ جي به درخواست ڪئي.

سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڇوڪرو يوبي جي هيوڪسنگ پوليس ٿاڻي ۾ داخل ٿئي ٿو جنهن کي ڏسي ٻه پوليس وارا کائنس پڇاڻو ڪن ٿا. ڇوڪرو کين ٻڌائي ٿو ته کيس ماءُ پنهنجو هوم ورڪ نه ڪرڻ تي درڙڪا ڏنا آهن، ان ڪري هن گھر ڇڏي يتيم خاني ۾ داخلا جي درخواست ڪئي.

آفيسرن طرفان ٿوري آٿت ڏيڻ بعد ڇوڪري کين پنهنجي والدين سان رابطي جي ڄاڻ فراهم ڪئي جنهن تي پوليس هن جي ماءُ سان رابطو ڪيو. ماءُ جو پوليس کي چوڻ هو ته هوم ورڪ بابت واقعي هن ٻار کي دڙڪا ڏنا هئا پر هنن اهو ڪڏهن به نه سوچيو هيو ته سندن ٻار گهران ڀڄي يتيم خاني وڃڻ جو چوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.