آءِ فون باهه ۾ ڦاٿل خاندان جي حياتي بچائي ورتي

هوائي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست هوائي جي ڪائونٽي مائوون ۾ لڳل باهه کي آمريڪا جي 100 سالا تاريخ جي بدترين باهه قرار ڏنو پيو وڃي ۽ ان دوران آءِ فون هڪ خاندان جي حياتي بچائي ورتي.

واضح رهي ته ان باهه سبب هيل تائين 96 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.جڏهن ته باهه سبب تباهه ٿيل عمارتن ۾ لاشن جي ڳولا جو ڪم جاري آهي جنهن سبب فوتگين جي وڌڻ جو خدشو آهي.

ايپل جي آءِ فون 14 سيريز کي سيپٽمبر 2022ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ۾ پهريون ڀيرو سيٽلائٽ ذريعي ايمرجنسي ايس او ايس پيغام موڪلڻ جو فيچر شامل ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد ڏکين حالتن ۾ ماڻهن جي حياتي بچائڻ هو.

ان فيچر سان سيلولر سگنل يا واءِ فاءِ کانسواءِ ٽيڪسٽ ميسيج موڪلڻ ممڪن هجي ٿو.

هيل تائين آمريڪا ۾ ان فيچر ڪيترن ئي ماڻهن جي حياتي بچائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي ۽ هاڻ هوائي ۾ به ان هڪ خاندان کي بچائڻ ممڪن بڻايو.

ميڊيا رپورٽن موجب مائوون ۾ ٻيلن جي باهه پکڙجڻ سبب هڪ خاندان ڦاسي پيو.

اهو خاندار 5 ڄڻن تي ٻڌل هو ۽ اُهي گاڏي ذريعي متاثر علائقي مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جڏهن ته باهه ۾ گھر سڙي ويو جڏهن ته موبائل ڪوريج دستياب نه هئي.

خوش قسمتي سان گاڏي ۾ موجود هڪ فرد وٽ آءِ فون 14 موجود هئي ۽ کيس  ايمرجنسي ايس او ايس موڪلڻ جو خيال آيو.

جڏهن ڪنهن فرد طرفان ايمرجنسي ايس او ايس فيچر کي استعمال ڪيو ويندو آهي ته آءِ فون طرفان صورتحال بابت سوال پڇيا ويندا آهن، جنهن دوران اها سيٽلائيٽ سان ڪنيڪٽ ٿي ويندي آهي.

ان عمل ۾ ڪجهه منٽ لڳندا آهن ۽ واهپيدار کان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي لاڳاپيل ادارن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي ۽ واهپيدار جي لوڪيشن بابت ٻڌايو ويندو آهي.

ائين ئي مائووي ۾ به ٿيو ۽ واهپيدار طرفان ٻڌايو ويو هو ته گاڏي کي هر پاسي باهه وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه به نظر ناهي اچي رهيو.

آءِ فون واهپيدار جي لوڪيشن ۽ ايمرجنسي ڪانٽيڪٽس جهڙا تفصيل امدادي اداري سان شيئر ڪيا.

ان اداري طرفان فائر ڊپارٽمنٽ کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو ۽ امدادي ٽيم کي روانو ڪيو ويو.

اها امدادي ٽيم مدد جي درخواست کان 30 منٽ بعد ان خاندان کي باهه مان ڪڍي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.