هنداڻي کي ساڙي تيار ڪئي ويندڙ مزيدار ڊِش جا چرچا

فلسطين ۾ هنداڻن کي ساڙي تيار ڪئي ويندڙ ڊش جا سڄي دنيا ۾ چرچا آهن.

فلسطين جي علائقي غزه جي پٽ ۾ اها ڊش بڻائي ويندي آهي ان کي مقامي ٻوليءَ ۾ هنداڻي جي سلاد به چيو ويندو آهي، اها ڊش ذائقي ۾ سڀ کان انوکي آهي.

هنداڻي مان تيار ٿيندڙ لازيما اجاريا ڪرسه نالي اها مشهور علائقائي ڊش آهي جنهن جي تياري ۾ گھڻو وقت گھربل هجي ٿو.

رپورٽن موجب عرب شهري هنداڻي مان تيار ڪيل ان خاص ڊش کي گھڻو پسند ڪندا آهن.

اها علائقائي ڊس سال جي رڳو ٻن مهينن لاءِ ئي دستياب هوندي آهي، ان کي تيار ڪرڻ لاءِ ننڍا هنداڻا استعمال ڪيا ويندا آهن. انهن هنداڻن کي باهه تي ڀڳو ويندو آهي.

ڀُڳل هنداڻي جون کَلون لاهي انهن کي گوشت، واڱڻ ۽ سنهڙن ڪاٽيل ٽماٽن، ليمي، ٿوم، بصرن ۽ زيتون جي تيل ۾ گڏايو ويندو آهي.

تيار ٿيڻ کان پوءِ ان کي مٽي جي وڏي پيالي ۾ مهمانن کي پيش ڪيو ويندو آهي.

تاريخدانن موجب ان ڊش جي شروعات سئو سال اڳ مصر کان ٿي هئي، پر گھڻن ماڻهن جي دعويٰ آهي ته اها فلسطيني ماڻهن جي روايتي ڊش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.