ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 300 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 25 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 257 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 93 هزار 158 رپين جو ٿي ويو آهي.