ٻارن جي فوتگين واري ڪيس ۾ ڀارتي دوا ساز ڪمپني خلاف وڏا انڪشاف

تاشقند (ويب ڊيسڪ) ازبڪستان ۾ ڀارتي کنگهه جي شربت سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي جاچ دوران ڀارتي دوا ساز ڪمپني جي خلاف اهم انڪشاف سامهون اچي ويا.

ٻارن جي فوتگين جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ازبڪ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڀارتي دوا ساز ڪمپني جي سي اِي او گھڻي منافعي جي لالچ ۾ کنگهه جي سيرپ ۾ زريلا جُز ملايا هئا.

پراسيڪيوٽر ڪمپني جي سي اِي او سنگهه راگهو يندر پرتار تي رشوت ڏيڻ جو الزام لڳائيندي انڪشاف ڪيو ته ڀارتي ڪمپني جي سي اي او کنگهه جي سيرپ جي ازبڪستان درآمد لاءِ 33 هزار ڊالرز رشوت ڏئي ڪوالٽي ٽيسٽ به معاف ڪرائي هئي.

هن ٻڌايو ته ڀارتي ڪمپني ٽيڪس فراڊ لاءِ سيرپ جي قيمت به وڌيڪ ظاهر ڪئي هئي.

واضح رهي ته ڊسمبر 2022ع ۾ ڀارتي کنگهه جي سيرپ جي استعمال سان ازبڪستان ۾ 65 ٻار فوت ٿيڻ  جي معاملي تي 20 ازبڪ ۽ هڪ ڀارتي شخص سميت 21 ڄڻن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو هو.

جاچ ۾ شامل ماڻهن ۾ ازبڪستان ۾ ڀارتي کنگهه جو سيرپ وڪرو ڪندڙ ڪمپني ڪيوراميڪس جي 2 ازبڪ ايگزيڪٽو سميت ڀارتي ڪمپني جي ماريون بايوٽيڪ جو 1 عهديدار به شامل آهي.

ڀارتي کنگهه جي شربت سان ٻارن جي فوت ٿيڻ جو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد آمريڪا، يورپي يونين ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ڀارتي ڪمپني جو لائسنس معطل ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.