پنهنجي دوست جي شادي ۾ شرڪت لاءِ 3 هزار ميل سفر ڪري آمريڪا کان اسڪاٽ لينڊ ويندڙ عورت غلطيءَ سان ٻي شادي ۾ هلي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آرتي مالا نالي اها عورت واشنگٽن ڊي سي جي رهواسڻ آهي، جنهن جي دوست جي شادي گلاسگو ۾ ٿي رهي هئي.
آرتي مالا پاڻ سان پيش آيل واقعي بابت ٻڌايو ته هوءَ ٽيڪسي تي جڏهن شادي تقريب ۾ پهتي ته ڪجهه دير کانپوءِ گهوٽ ڪنوار کي ڏسي کيس احساس ٿيو ته هيءَ اها شادي ناهي، جنهن لاءِ هوءَ ايڏو پنڌ ڪري آئي.
آرتي مالا سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ذريعي ٻڌائي ٿي ته غلطي جو احساس ٿيڻ تي مان فوري طور اتان نڪري ويس ۽ اوبر ذريعي ان شادي ۾ پهچي ويس، جتي پهچڻو هو پر منهنجي پهچڻ کان اڳ ماڻهو پنهنجون تقريرون ختم ڪري چڪا هئا.