لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف سان ملاقات ٿي آهي.
ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمر اڪمل چيو ته نواز شريف سان ڪرڪيٽ بابت گفتگو ٿي، ميان صاحب کي هڪ درخواست ڪئي آهي، جيڪا اميد آهي ته قبول ٿيندي.
هن چيو ته فٽينس سٺي آهي، پاڪستان ٽيم ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو، ڪرڪيٽ لاءِ حالتون سٺيون آهن، ميان صاحب جي اچڻ سان اڃا وڌيڪ سٺيون ٿينديون.