دنيا جو عجيب ڳوٺ جتي گھڻا گھر ٻن ملڪن ۾ موجود آهن

دنيا جو عجيب ترين ڳوٺ جتي ويندڙ سياحت کي سمجهه ۾ ناهي ايندو ته هو ڪهڙي ملڪ جي زمين تي موجود آهن.

جي ها واقعي ان ڳوٺ جا رهواسي جڏهن به ڪنهن ڪم لاءِ گھران نڪرندا آهن ته ڪيترائي ڀيرا هڪ کان ٻئي ملڪ جي سرحد ٽپي ويندا آهن.

اهو اهي Baarle-Hertog جيڪو نيدرلينڊ جي سرحد تي موجود بيلجيئم جي علائقي ۾ هڪ ڊچ آبادي به آهي.

ان ننڍي ڳوٺ جو سير ڪرڻ ته دنيا جي ٻين هنڌن جيان ئي هجي ٿو، پر جڏهن اوهان زمين کي ڏسندئو ته پوءِ ذهن ڦري ويندو ڇو جو جاءِ جاءِ تي نيدرليندز ۽ بيلجيئم جي سرحدي ليڪ نظر ايندي.

حقيقت ۾ اهڙا 24 هنڌ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي سرحد جي حيثيت رکن ٿا.

ڪيترن ئي هنڌن تي سرحدي ليڪ گھرن جي وچان به گذري ٿي، يعني اتي رهندڙ کاڌو هڪ ملڪ ۾ ٺاهين ٿا ۽ ان کي ٻئي ملڪ ۾ کائين ٿا.

ان ڳوٺ ۾ هڪ فرنٽ ڊور پاليسي کي اپنايو ويو آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته اوهان جو ملڪ اهو هوندو جنهن پاسي اوهان جو ٻاهريون در کلندو.

پر ڪجهه هنڌن تي ته درن وچ ۾ به سرحدي ليڪ آهي ته اتي اها پاليسي لاڳو ڪيئن ٿئي ٿي، اهو سوال ذهن ڦيرائي ڇڏي ٿو.

هڪ ئي ڳوٺ ۾ 2 حڪومتون، 2 ڪائونسلرز، 2 ميئرز ۽ 2 اسڪولز موجود آهن.

هتي ٻه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون هڪ بيلجيئم جي Flemish  ۽ ٻي نيدرليند جي ڊچ، اهو ئي سبب آهي جو اتي رهندڙ گھڻا ماڻهو ٻنهي ٻولين ۾ مهارت رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.