ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽر لاهيرو ٿريماني هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سريلنڪا ڪرڪيٽ طرفان لاهيرو ٿريماني جي رٽائرمينٽ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن موجب لاهيرو ٿريماني عالمي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن تان استعيفيٰ موڪلي هئي.
ان حوالي سان سريلنڪن ڪرڪيٽ جي سي اي او ايشلي ڊي سلوا چيو ته لاهيرو ٿريماني جون خدمتون ياد رکيون وينديون.
واضح رهي ته پنهنجي 13 ورهين جي عالمي ڪيريئر دوران ٿريماني سريلنڪا طرفان 44 ٽيسٽ، 127 ون ڊي ۽ 26 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون، هو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2014 جي فاتح سريلنڪن ٽيم جو به حصو هو.