انب جي لسي تيار ڪرڻ جو طريقو

سڄي دنيا ۾ مختلف قسمن جا انب ٿيندا آهن ۽ انهن جو ذائقو به مختلف هوندو آهي، اهو ميوو تاريخي طور تي ميون جو بادشاهه چورائيندو آهي.

سخت گرمي ۾ انب اوهان کي بهترين ذائقو فراهم ڪري ٿو.

لذت، غذائيت ۽ فائدي سان مالال انب پاڪستان، هندستان ۽ فلپائن جو قومي ميوو آهي جڏهن ته ان جو وڻ بنگلاديش جو قومي وڻ آهي.

اهو مغل بادشاهن جو به پسنديدهه ميوو هو. بابر، اورنگزيب، همايون سڀ ان کي پسند ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو انب جي پوک کي وڌائڻ ۾ به مغلن جو وڏو ڪردار هو.

جيڪڏهن ڳالهه ڪئي وڃي ان کي کائڻ جي طريقي جي ته هر ماڻهو ان کي مختلف طريقن سان کائڻ پسندا ڪندا آهن.

اڄ اسان اوهان کي ان جي لسي تيار ڪرڻ سيکارينداسين جيڪا گرم موسم ۾ اوهان کي مزو ڏيندي.

جُز

3 ڪپ تازا ڪاٽيل انب

2 ڪپ ڏهي

1 ڪپ کير يا پاڻي

2 چمچا ماکي

½ چمچو سامونڊي لوڻ

الائچي پائوڊر چانهه جو هڪ چمچو

پيٺل بادام چانهه جو هڪ چمچو

پيٺل پستا چانهه جو هڪ چمچو

ترڪيب

هڪ بلينڊر ۾ انب، ڏهي، کير، ماکي ۽ لوڻ وجهو ۽ سٺي نموني بلينڊ ڪريو.

سٺي طرح بلينڊ ٿي وڃي ته ان کي گلاس ۾ ڪڍي وٺو ۽ ڪجهه برف جا ٽڪرا وجهو

بادامن، ننڍن ڦوٽن، پستن سان گارنش ڪري سرو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.