ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحتمند ماڻهوءَ کي بيمارين جي پرواهه ناهي هوندي، ٿي سگهي ٿو ڪنهن ڪنهن کي هجي به، پر الله نه ڪري جڏهن ڪير بيمار ٿيندو آهي ته کيس صحتمند هجڻ جي اهميت جي خبر پئجي وڃي ٿي.
هونئن ته ننڍي کان ننڍو مرض به ڪنهن کي نه ٿئي پر ڪجهه اهڙيون خطرناڪ بيماريون به آهن جن کان رب پناهه ڏئي، انهن مرضن سان منهن ڏيندي ڏيندي ماڻهو زندگي به وڃائي ويهندو آهي يا وري ان جي پويان پنهنجي زندگي جو سڪون ۽ ڪم ڪار تباهه ڪري ڇڏي ٿو.
مختلف بيماريون ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪمزوري يا ٻيون تبديلون ٿيڻ ته برحق آهي پر ڪيتريون اهڙيون بيماريون پڻ آهن جن ۾ مبتلا ٿيڻ کان اڳ ئي جسم ڪجهه علامتون ظاهر ڪندو آهي، جن کي جيڪڏهن سمجهجي ته پَڪ سان انهن بيمارين کان بچي سگهجي ٿو يا وري جلدي جند ڇڏائي سگهجي ٿي.
اهڙي هڪ عام علامت هٿ ۽ پيرن جو سُن ٿيڻ آهي، عام طور تي هڪ جڳهه تي رکڻ، نه چور پور نه ڪرڻ جي ڪري به هٿ پير سن ٿي ويندا آهن ۽ انهن کي کڻي ناهي سگهبو جيڪي ٿوري دير ۾ صحيح به ٿي ويندا آهن جيڪا ڪا به خطرناڪ ڳالهه ناهي. پر ان سان گڏ اهو به ٿيندو آهي ته لڳار هٿ پير سن رهندا آهن جن بابت ڪيترائي ماڻهو ڌيان ئي ناهن ڏيندا.
عوامي آواز پنهنجي پڙهندڙ جي لاءِ صحت جي ڪيٽيگري ۾ روز صحت بابت ديسي ۽ قدرتي نسخا ۽ ٽوٽڪا آڻيندي آهي پر اڄ اسان اوهان کي انهن خطرناڪ بيمارين بابت ٻڌائينداسين جيڪي هٿن پيرن جي سُن ٿيڻ سان ٿي سگهن ٿيون ۽ اوهان کي اهو مشورو ڏينداسين ته جيڪڏهن توهان سان هٿ پير سن ٿيڻ وارو مسئلو ٿئي ٿو ته توهان پنهنجي اهڙين بيمارين بابت چڪاس ڪرائي وٺو.
شگر
شگر جي مرض ۾ رت ۾ مٺاڻ جو مقدار وڌي ويندو آهي جنهن جو سڌيءَ ريت اثر اعصاب تي پوي ٿو جنهن کانپوءِ ان ۾ ڪمزوريون ٿي وينديون آهن جنهن جي ڪري ماڻهوءَ جا هٿ ۽ پير سُن ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ سسراٽ ۽ چڀڪا محسوس ٿيندا آهن، جيڪڏهن توهان کي اهڙو مسئلو ٿئي ٿو ته پنهنجي شگر ٽيسٽ ڪرايو.
دماغ ۽ ڪرنگهي جي هڏي جون بيماريون
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته ڪرنگهي جي هڏي يا دماغ جا ڪجهه حصا سخت ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ ڪنهن قسم جون ڳوڙهيون بڻجي وينديون آهن جن کي ملٽيپل اسڪليرسس به چيو ويندو آهي. ان بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جا هٿ پير ويٺي ويٺي سُن ٿي ويندا آهن. اها هڪ لاعلاج بيماري آهي جنهن کي رڳو مختلف قسم جي ورزشن ۽ فزيوٿراپي سان ئي صحيح ڪري سگهجي ٿو، انڪري جيڪڏهن توهان سان اهو مسئلو آهي ته توهان انکي نظر انداز ڪرڻ بدران پنهنجي مسئلي جي حل لاءِ ڪوشش ڪيو.
فالج
فالج جو مرض ڪيترو خطرناڪ آهي اها ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي ان جون ڪيتريون ئي علامتون هونديون آهن ۽ هٿن پيرن جو سن ٿيڻ به انهن مان هڪ علامت آهي، جيڪڏهن ويٺي ويٺي توهان جا هٿ پير سن ٿي وڃن، ان وقت توهان کي مٿي ۾ به سور پوي ۽ توهان کي ڳالهائڻ ۾ ٿوري به ڏکيائي محسوس ٿئي ته ان جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو ته توهان جي دماغ ڏانهن رت جا وهڪرا متاثر ٿي رهيا آهن يا ٿيا آهن ۽ اها علامت فالج جي مرض جي شروعاتي علامت به ٿي سگهي ٿي انڪري خاموشي اختيار ڪرڻ بدران اهڙي علامت کان فوري پوءِ توهان کي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
وٽامن جي کوٽ
وٽامن بي ۽ وٽامن بي ٻارنهن جي کوٽ جي ڪري عام طور تي ٿڪاوٽ ۽ ساهه ۾ ڏکيائي سان گڏوگڏ هٿن پيرن جو سن ٿيڻ معمولي ڳالهه هوندو آهي، اهڙي صورت ۾ توهان کي ڊاڪٽر سان رابطو ڪري وٽامنز جا سپليمنيٽس استعمال ڪرڻ گهرجي جيڪي توهان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا.
گردا فيل ٿيڻ
گردن جو ڪردار انسان جي جسم ۾ انتهائي اهم هوندو آهي جنهن بابت اسان هتي ڪيترائي آرٽيڪل لکي چڪا آهيون، پر تنهن باوجود به ٿوري وضاحت ڪندا هلون ته گردا انسان جي جسم ۾ موجود رت کي فلٽر ڪندا آهن، جيڪڏهن اهو عمل قدرتي طور تي نه ٿئي ته هفتي ۾ ٽي کان چار ڀيرا خطرناڪ ڊائلاسز جي عمل مان گذرڻو پوندو آهي جيڪو ڪنهن به وقت موت جو سبب بڻجي سگهي ٿو، چوڻ جو مطلب ته گردا فيل ٿيڻ ڪنهن به حوالي سان سٺي ڳالهه ناهي.
گردن جي فيل ٿيڻ جون ڪيتريون ئي علامتون ۽ سبب آهن جن بابت توهان کي عوامي آواز جي ويب سائيٽ تي گهڻو مواد ملندو، نه رڳو ايترو پر اسان جي ويب سائيٽ تي گردن جي صحت ۽ گردن کي صاف ڪرڻ جا به ڪيترائي قدرتي طريقا موجود آهن.
جيڪڏهن گردا فيل ٿي وڃن ته رت فلٽر ناهي ٿيندي، رت فلٽر ناهي ٿيندي مطلب ته بيڪار ۽ زهريلا مادا جسم مان نيڪال ٿيڻ بدران جسم ۾ ئي رهجي ويندا آهن ۽ اهي زهريلا ۽ بيڪار مادا هٿن پيرن جي سن ٿيڻ جو سبب به بڻبا آهن. انڪري جيڪڏهن توهان جا هٿ پير سن ٿين ٿا ته توهان کي فوري طور تي گردن جي ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي.
ڏٺو وڃي ته هٿن پيرن جو سن ٿيڻ عام ڳالهه آهي پر اهو خطرناڪ بيمارين جي علامت به ٿي سگهي ٿو انڪري هٿن ۽ پيرن جي سن ٿيڻ کي عام نه سمجهيو وڃي توهان کي گهرجي ته هٿ پير سن ٿيڻ واري عمل کي نظر انداز ڪرڻ بدران ڄاڻايل مرضن جي سڃاڻپ لاءِ ڊاڪٽر سان ضرور رابطو ڪرڻ گهرجي.