لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ قافلي سان گڏ شرڪت ڪندڙ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور رائفل سان ٽرالر جا شيشا ڀڃي ڇڏيا.
پي ٽي آءِ جي جلسي جو مقرر وقت ختم ٿيڻ تي پوليس اهلڪار اسٽيج خالي ڪرائي ڇڏي، اسٽيج ۽ جلسي گاهه جون لائيٽون بند ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ ماڻهن واپس وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن علي امين گنڊاپور جي قيادت ۾ قافلو لاهور پهتو ۽ ڪارڪنن ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا.
علي امين گنڊاپور به رائفل جا بٽ هڻي ٽرالر جا شيشا ڀڃي ڇڏيا.
You might also like