شگر جا مريض ڪهڙي وقت ورزش ڪن؟ حيران ڪندڙ تحقيق

باقاعدگي سان ورزش ڪرڻ هر مرض لاءِ فائديمند آهي ۽ تازو ئي شگر جي مريضن جي ورزش جي حوالي سان اهم تحقيق ٿي آهي.

تازو ئي ڪيل هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته شگر ٽائپ 2 يعني شگر جي مريضن ۾ مبتلا ماڻهو جيڪڏهن صبح يا رات بدران ٻيپهري جو ورزش ڪن ته کين فائدو پهچي سگھي ٿو.

شگر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ماضي ۾ به ورزش تي ڪيتريون ئي تحقيقون ٿي چڪيون آهن، جن ۾ ورزش ۽ جسماني حرڪت کي مرض گھٽائڻ ۾ مددگار قرار ڏنو ويو آهي.

تازي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻيپهريءَ جو ورزش ڪرڻ شگر جي مريضن لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائديمند آهي ۽ ان سان شگر نارمل حالت تي اچي سگھي ٿي.

طبي رسالي ڊائبيٽڪ ڪيئر ۾ ڇپيل تحقيق موجب ماهرن ورزش جا شگر جي مرض تي اثر جاچڻ لاءِ 2400 ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو، جن تي 4 سال تحقيق ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل تحقيق ۾ شامل سمورا ماڻهو وڌيڪ وزن وارا هئا ۽ انهن ۾ شگر ٽائپ 2 هئي.

ماهرن ڄاڻايل سمورن ماڻهن کي ڏنهن جي مختلف وقتن ۾ ورزش ڪرڻ جو چيو هو ۽ انهن ماڻهن جي جسم ۾ ڪجهه ڊجيٽل ڊوائيسز لڳايا ويا هئا، جن ذريعي انهن جي جسماني ورزش جي وقت ۽ اندازو کي ڏٺو ويو.

ماهرن موجب تحقيق مان حيران ڪندڙ نتيجا سامهون آيا ته ٻيپهريءَ جي وقت ورزش ڪندڙن ۾ شگر جي سطح گھڻي گھٽجي وئي، ايتري تائين جو شگر جي مريضن دوائون کائڻ به ڇڏي ڏنيون.

نتيجن مان خبر پئي ته جن ماڻهن ٻيپهريءَ جي ورزش کي سال تائين برقرار رکيو، انهن جي رت ۾ شگر جي سطح گھڻي گھٽجي وئي ۽ هنن دوائون کائڻ بند ڪري ڇڏيون.

ماهرن ڏينهن ۽ رات جي وقتن ۾ ورزش ڪرڻ جا فائدا ناهن ٻڌايا، پر ٻڌايو ته ٻيپهريءَ جو ورزش ڪرڻ جا حيران ڪندڙ فائدا ٿين ٿا.

ماهرن موجب اهو واضح ناهي ته ٻيپهريءَ جي وقت ورزش ڪرڻ سان شگر ڇو ڪنٽرول ۾ رهي ٿي، ان معاملي تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گھرجي.

ٻي پاسي ڪجهه ماهرن ڄاڻايل تحقيق تي خدشن جو اظهار ڪندي اهو سوال به اٿاريو ته ماهرن ٻيپهريءَ جو ورزش ڪرڻ جا ڪي به ناڪاري اثر ناهن ٻڌايا جڏهن ته ماضي ۾ شگر جي مريضن جي ورزس تي ڪيل تحقيقن ۾ ورزش جا ڪجهه ناڪاري اثر به ٻڌايا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.