فائدن جي سئو سيڪڙو پَڪ: گنجائپ سميت اهم مسئلن جو شڪار ماڻهو ڪڏهن پنهنجي به ٻڌي!

ڇڻندڙ وارن جو مسئلو ڪيترو آهي، ان مان جند ڇڏائڻ لاءِ ماڻهو ڇا ڇا ڪندا آهن، هي تيل، هي نسخو، هيءَ دوا، هر ڪنهن کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ته اهڙي انوکي تيلن جي ڌُم لڳي پئي آهي ته هي قدرتي تيل وٺو، مٿي تي وار ئي وار، اسان جي ڪمپني جو تيل توهان کي ٻئي هنڌ ڪٿي نه ملندو، حڪيم صاحب جي وڏي محنت کانپوءِ گنجائپ جي خاتمي لاءِ خاص تيل ٺاهيو ويو آهي وغيره وغيره جون دعوائون ته سڀ ڪنهن کي نظر اينديون هونديون، ائين ناهي ته اهي تيل ڪو فائدن وارا نه هوندا، ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو واقعي به صحيح تيل ٺاهيندو هجي پر اڄڪلهه جي ڌوڪيبازي واري دور ۾ ڪنهن تي به سولو اعتماد ناهي ايندو، ڀلي جو ڪير ڪيتريون به مَني بيڪ وارنٽي جون دعوائون ڪري پر پوءِ به بي اعتمادي واري اڄوڪي دور ۾ نوي سيڪڙو ماڻهن جا دعويٰ حوال ئي لڳندا آهن، اهو انڪري ته اهڙين جاين تي ڪيترائي ڀيرا ماڻهو نقصان کائي چڪا هوندا آهن، انهن کي سواءِ پيسن جي زيان کان ٻيو ڪو تجربو ناهي ٿيو هوندو.

اڄ اسان اوهان کي جيڪي ڳالهيون ٻڌائينداسين اُهي جيڪڏهن توهان جي دِل تي لڳن ته پوءِ ئي توهان پنهنجي بابت پاڻ فيصلو ڪيو.

ڀلا ٻين جي ٺهيل شيون يا تيل ته استعمال ڪيو ٿا نه؟ يا ڪندا آهيو نه؟ ڪڏهن ٿوري محنت ڪري پنهنجي هٿن سان ٺاهيل شيون ۽ تيل به استعمال ڪري ڏسو!

ڇا توهان اها ڳالهه مڃيو ٿا ته مختلف سبزين، ميون ۽ ٻين قدرتي ٻوٽن جا مختلف حوالي سان فائدا هوندا آهن؟ يقينن توهان جو جواب ها هوندو.

توهان کي اها به خبر هوندي ته کاڌي پيتي جون هجن، چهري جي صفائي جون هن يا کڻي خوبصورتي لاءِ استعمال ٿيندڙ شيون، بازارن ۾ ڪيميڪل جي مدد سان ٺهندڙ سڀني شين جي ڀيٽ ۾ گهر ۾ پنهنجي هٿن سان ٺهندڙ شيون وڌيڪ بهتر هونديون آهن ۽ انهن تي وڌيڪ اعتماد ڪري سگهجي ٿو. سواءِ انهن شين جي جيڪي مخصوص مشينن ۽ طريقيڪار سان ئي ٺاهي سگهجن ٿيون.

اها ڳالهه به سڀني کي خبر هوندي ته پراڻي دور ۾ وڏا وڏا حڪيم ڪيميڪل وارين شين بدران جڙي ٻوٽين، رنڌڻي جي شين ۽ مختلف قدرتي ميون تي يقينن ڪندا هئا ۽ انهن سان ئي علاج ڪندا هئا.

ته پوءِ اڄڪلهه جي دور ۾ انهن فائدو ڇو نٿو وٺي سگهجي؟

انهن ڳالهين مان اهو اندازو نه وٺڻ گهرجي ته سڀ جو سڀ سائنسي دوائون ڪم جون ناهن پر اها ڳالهه توهان کي ضرور مڃڻي پوندي ته ڪيترن ئي سبزين، ميون توڙي ٻوٽن جا فائدا سائنسي بنيادن تي به مڃيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سائنسدان، صحت جا ماهر ۽ وڏا وڏا وڏا ڊاڪٽر قدرتي طريقي سان تيار ٿيل سبزيون، ميوا ۽ ٻيون شيون ئي استعمال ڪرڻ جا مشورا ڏيندا آهن، پوءِ ڀلي اهي کاڌي لاءِ هجن يا چهري ۽ ٻين فائدن جي مقصدن لاءِ.

جيئن ته وار ڇڻڻ جو مسئلو ڪيتري حد تائين وڌي ويو آهي، ڪيترو سنجيده آهي يا بنا وارن واري ماڻهوءَ سان ڪهڙا ۽ ڪٿي ڪٿي مسئلا پيدا ٿيندا آهن اهو به ڪنهن کان ڳجهو نه هوندو. مٿي تي وار هجڻ سان خوداعتمادي، دوستن، يارن ۾ مزاق ۽ ٽوڪ کان بچڻ سميت پرسنلٽي ۽ خوبصورتي جو به اثر پوندو آهي.

جيڪڏهن بصرن ۽ سُنڍ جي ڳالهه ڪجي ته سائنسي طور انهن جا ڪيترائي فائدا ثابت ٿي چڪا آهن جن بابت اسان به الاهي ڀيرا پنهنجي پڙهندڙن کي ٻڌائي چڪا آهيون، انهن جي فائدن کي ڄاڻڻ لاءِ عوامي آواز جي ويب سائيٽ تي سرچ بار ۾ وڃي ڪري سُنڍ، بصر يا ڪو به ٻيو سنڌيءَ جو هڪ لفظ لِکي سرچ ڪبو ته ان جا فائدا اچي ويندا. عوامي آواز جي ويب سائيٽ تي صحت جي ڪيٽيگري ۾ وڃي ڪري ان جي وڌيڪ سب ڪيٽيگريز کي ڏسي مرضيءَ جون خبرون پڙهي ۽ انهن تي عمل ڪري فائدا ماڻي سگهجن ٿا.

سنڍ ۽ بصرن جا مختلف استعمالن سان مختلف فائدا آهن اڄ اسان انهن ٻنهي جي رس جا فائدا ٻڌائينداسين.

اکين جي روشني تيز

بصرن ۽ سنڍ جي نڪتل رس يا جوس اينٽي آڪسيڊنٽ هوندو آهي اهي جسم اندران زهريلي مادن کي ڪڍندا آهن ۽ ميٽابولزم جي عمل کي تيز ڪن ٿا جنهن جي ڪري جسم جي گڏيل صحت بهتر ٿيندي آهي. ان سان گڏ ٻنهي جي رس ۾ وٽامن اِي ۽ هڪ خاص قسم جو پروٽين گلوٽا ٿيون موجود هوندو آهي جنهن جي ڪري اکين جي مختلف حصن کي طاقت ملي ٿي ۽ نظر چِٽي ٿيندي آهي.

رت جي کوٽ

رت جي کوٽ ڪيتري خطرناڪ آهي اهو ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان بابت به اسان ڪيترائي آرٽيڪل پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري چڪا آهيون، عام طور تي عورتن کي ماهواري يا حمل دوران رت جي کوٽ ٿي ويندي آهي. انکانسواءِ کير پيئارڻ سميت ٻئي ڪنهن به سبب جي ڪري انهن جي رت گهٽجي ويندي آهي جڏهن ته مردن جي رت به گهٽ ٿيندي آهي. رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر مختلف دوائن سميت واحد حل رت جون ٿيلهيون چڙهائڻ ئي ٻڌائيندا آهن جيڪو فائديمند هوندو آهي جڏهن ته حڪيم ۽ پراڻي دور جا ماهر رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سنڍ ۽ بصرن جو جوس پيئڻ جو مشورو ڏيندا آهن. جن جي استعمال سان چهري ۽ هٿن جو ڦِڪو ۽ بي رونق رنگ مٽجي ويندو آهي ۽ ماڻهو رت سان ڳاڙهو ۽ گلابي نظر اچڻ لڳندو آهي. انهن ٻنهي جي رس گڏائي پيئڻ سان نه رڳو رت جا جزا ٺهڻ جي رفتار تيز ٿيندي آهي پر رت جي طاقت ۽ صحت ۾ به واڌ ٿيندي آهي جنهن جي ڪري انهن کي رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تمام فائديمند سمجهيو ويندو آهي.

مٿي جي وارن لاءِ

وار ماڻهو جي خوبصورتي ۽ خوداعتمادي جو سبب هوندا آهن پر خشڪي، رکائپ ۽ ڪمزوري انهن جو ستيو ناس ڪري ڇڏيندي آهي ۽ مٿي تان وار گم ٿي ويندا آهن جنهن سان ماڻهو وقت کان اڳ ڪراڙو نظر ايندو آهي.

ان مسئلي جي لاءِ يوناني حڪيم جي اها سڀ کان وڏي دعويٰ آهي ته مٿي جي وارن جي سڀني مسئلن، خشڪي، سرڪي، جوئن، ٻن منهن جي وارن، گنجائپ يا ڀلي اها موروثي هجي يا مختلف مسئلن جي ڪري ٿي هجي ڪنهن به مسئلي سبب جيڪڏهن مٿي تي وار نه هجن ته بصرن ۽ سُنڍ جي رس سان مالش ڪري نه رڳو سڀني مسئلن مان جند ڇڏائي سگهجي ٿي پر وار ڦٽائي انهن کي مضبوط ۽ صحتمند رکندي آهي.

بصرن ۽ سُنڍ جي رس ڪڍڻ جو طريقو

انهن جو جوس ڪڍڻ يا رس ٺاهڻ جو طريقو تمام سولو آهي، ان لاءِ وچولي سائيز جو بصر ۽ وچولي سائيز جو سنڍ جو ٽڪڙو کڻو، ٻنهي کي ڇِلي انهن کي ڪنهن بلينڊر ۾ بلينڊ ڪيو. انکانپوءِ انهن کي ڪنهن ڪپڙي سان ڇاڻيو، ان دوران اهو خيال رکو ته انهن کي گهڻو نپوڙيو نه، متان بصرن جا اڇا ٽڪرا به رس ۾ هليا نه وڃن، جيڪڏهن ان رس ۾ ليمي جا ٻه ٽي ڦڙا وجهڻ چاهيو به وجهي سگهو ٿا.

ان رس کي لڳاتار مٿي تي هڻڻ سان ڇڻندڙ وارن کي روڪي سگهجي ٿو، جڏهن ته نوان وار به ڦٽائي سگهجن ٿا.

ڪيترائي ماهر وارن سميت گڏيل صحت جي لاءِ اها رس رات جو سمهڻ وقت هڪ چمچو پيئڻ جو چوندا آهن جنهن سان به تمام گهڻا فائدا آهن.

اهو ته طئي آهي ته ان رس جي پيئڻ توڙي مٿي تي مکڻ سان ڪو نقصان ته ڪو نه ٿيندو ته پوءِ ڇڻيل وار واري مسئلي جو شڪار ماڻهن کي هڪ ڀيرو ضرور سُنڍ ۽ بصرن جي رس استعمال ڪرڻ گهرجي.

انکانسواءِ ٻڪريءَ جو کير مٿي ۾ مکڻ سان به وار ڦٽندا آهن ۽ گنجائپ ختم ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.