انتهائي سنگين واقعن تي سعودي جو جواب به سخت هئڻ گهرجي: توانائي وارو وزير

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي توانائي واري وزير شهزادي عبدالعزيز بن سلمان چيو آهي ته گذريل ڪجهه هفتن دوران انتهائي سنگين واقعا پيش آيا آهن، تنهنڪري سندس ملڪ جو ردعمل به اوترو ئي سخت هجڻ گهرجي.
رياض ۾ ورلڊ پيٽروليم ڪانگريس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سعودي توانائي واري وزير ۽ شاهه سلمان جي پٽ چيو ته عالمي توانائيءَ جو شعبو هڪ حقيقي آزمائش مان گذري رهيو آهي.
هن چيو ته سعودي عرب بحران پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي توانائي جي تحفظ کي برقرار رکڻ لاءِ رٿابندي ڪري ڇڏي هئي.
سعودي توانائي واري وزير موجب ”سڀني لاءِ توانائي جي فراهمي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن سڀني لاءِ توانائي جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.“
توانائي واري وزير جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن يمن جي حوثي باغين جي حملن سبب رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي آپريشنز معطل رکڻ واري مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن حوثين رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نشانو بڻايو هو.
ڇنڇر ڏينهن ٿيل حملي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

You might also like