واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي هوابازي اداري فيڊرل ايويئيشن ايڊمنسٽريشن (ايف اي اي) آمريڪي ايئرلائنز ۽ آمريڪا ۾ رجسٽرڊ جهازن کي سعودي عرب جي هوائي حدن ۾ اچ وڃ يا اتان گذرڻ دوران غيرمعمولي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ايف اي اي موجودا صورتحال کي ”امڪاني طور خطرناڪ“ قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته خطرا هر اوچائي تي اُڏامندڙ جهازن کي متاثر ڪري سگهن ٿا، ڀلي اهي سعودي فضائي حدن مان گذري رهيا هجن، لينڊنگ جي تياري ۾ هجن يا ٽيڪ آف ڪري رهيا هجن، اها هدايت 10 ڊسمبر تائين لاڳو رهندي.
اهو الرٽ رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن حملن کانپوءِ جاري ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، انهن حملن ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
ٻئي پاسي رياض جي مرڪزي ايئرپورٽ جي بندش ۾ پڻ واڌ ڪئي وئي آهي. تازي نوٽم موجب، ايئرپورٽ سومر جي شام تائين اڏامن لاءِ بند رهندو.
You might also like