خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، سڀاڻي ڪابينا کان منظوري جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان جي منظوري سڀاڻي وفاقي ڪابينا کان وٺڻ جو امڪان آهي.
ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي منظوري لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا اجلاس به طلب ڪيا ويا آهن.
ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار، سياسي معاملن بابت وزيراعظم جو صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، وفاقي وزير قانون سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وفاقي وزير سينيٽر احد چيمه موجود هئا.
ملاقات ۾ سينيٽر شيري رحمان، سيد نويد قمر، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم صدر جي معاونت ڪئي.
اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اڱاري 13 آڪٽوبر تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ڌار ڌار اجلاس سڏايا ويندا.
ان کان اڳ ذريعن ٻڌايو هو ته ايوان صدر ۾ خيبرپختونخوا جي صورتحال بابت ٿيل اجلاس ۾ صوبي جي امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي طرفان موڪليل رپورٽ جو جائزو ورتو ويو.

You might also like