ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ اٽي جي اگهن کي مستحڪم رکڻ ۽ ڪڻڪ جي دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ 15 آڪٽوبر کان سرڪاري ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، سرڪاري ڪڻڪ 12 هزار 500 رپيا في 100 ڪلوگرام ٻوري جي حساب سان جاري ڪئي ويندي، ان جو مقصد اٽي جي اگهن کي مستحڪم رکڻ ۽ واهپيدارن کي رليف فراهم ڪرڻ آهي.
سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته حڪومتي قدم جو لاڀ اٽي جي گهٽ اگهن جي صورت ۾ واهپيدارن تائين پهچڻ گهرجي.
اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي خوراڪ کاتي ٻڌايو ته هن وقت صوبي جي ذخيرن ۾ 3 لک 46 هزار 414 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاسڪو کان وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ صوبائي ذخيرن ۾ شامل ڪئي ويندي، جڏهن ته درآمد ٿيل ڪڻڪ مان به 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ صوبائي ذخيرن ۾ شامل ڪئي ويندي.
خوراڪ کاتي موجب، ڪراچي ڊويزن ۾ هن وقت هڪ لک 35 هزار 948 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جڏهن ته پاسڪو جي ذخيرن مان حيدرآباد ريجن لاءِ 30 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ مختص ڪئي ويندي.
بريفنگ ۾ آگاهي ڏني وئي ته ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ريجنز لاءِ 60 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ مختص ڪئي وئي آهي، واڌو ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ فراهمي بهتر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته واڌو ڪڻڪ سان اگهن ۾ ٿيندڙ لاهن چاڙهن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ڪراچي ۾ پرچون اٽي جي قيمت 165 کان 170 رپيا في ڪلوگرام تائين پهچي وئي آهي.
بريفنگ موجب، پهرين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي قيمت 12 هزار 400 رپيا في 100 ڪلوگرام هئي، جڏهن ته اٽي جي في ڪلوگرام قيمت 160 کان 165 رپين تائين هئي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهن ۾ مسلسل واڌ جو رجحان جاري آهي.
You might also like