حيدرآباد جو تاريخي نياز اسٽيڊيم 20 سالن لاءِ پي سي بي حوالي، معاهدي جا تفصيل سامهون اچي ويا

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) حيدرآباد جي تاريخي نياز اسٽيڊيم جي انتظامي نگراني 20 سالن لاءِ سنڀالي ورتي، جڏهن ته اسٽيڊيم کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪري ٻيهر اهم ڪرڪيٽ مرڪز بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
حيدرآباد ۾ منتقلي واري تقريب کي خطاب ڪندي پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير سيد چيو ته شهر کي ملڪ ۾ راندين جي وسيع سرگرمين جو حصو بڻايو ويندو ۽ نياز اسٽيڊيم ۾ عالمي معيار جون سهولتون متعارف ڪرايون وينديون.
هن چيو ته اسٽيڊيم ۾ فلڊ لائٽس لڳايون وينديون، جڏهن ته عالمي معيار موجب سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
پي سي بي ترت گرائونڊ ۽ پِچ تي ڪم شروع ڪندو ته جيئن اسٽيڊيم کي اهم ملڪي ۽ عالمي ميچن لاءِ موزون بڻائي سگهجي.
سمير سيد چيو ته پي سي بي جي ڪوشش هوندي ته پي ايس ايل 12 ۾ نياز اسٽيڊيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميچ ڪرائي وڃي، جڏهن ته پي ايس ايل 13 ۾ هتي ڪيئي ميچون ڪرائي سگهجن ٿيون.
هن حيدرآباد ۾ جنوري يا فيبروري کان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، جتي نوجوان ڪرڪيٽرن جي سکيا لاءِ ڪوچز ۽ فزيوٿراپسٽ موجود هوندا.
پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر چيو ته نياز اسٽيڊيم ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ به متعارف ڪرائي ويندي، باقاعدگي سان ميچ ٿيڻ سان اسٽيڊيم جو ماحول ۽ ان جي اهميت ٻيهر بحال ٿيندي.
ان موقعي تي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو چيو ته شهر ڪيترائي اهڙا ڪرڪيٽر پيدا ڪيا، جن پاڪستان جي نمائندگي ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو.
هن چيو ته هي گرائونڊ ان حوالي سان خوش قسمت رهيو آهي جو پاڪستان هتي ڪڏهن به نه هاريو.
ميئر موجب، محدود وسيلن باوجود حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن اسٽيڊيم جي سار سنڀال ۽ ميچون ڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون.
ڪاشف شورو چيو ته انشاءَ الله نياز اسٽيڊيم پنهنجي اڳوڻي شان ٻيهر حاصل ڪندو.
پي سي بي ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن وچ ۾ معاهدي تحت پي سي بي شهري اداري کي ماهوار 10 هزار رپيا مسواڙ ادا ڪندو، جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن کي اسٽيڊيم ۾ ٽڪيٽن جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ آمدني جو 20 سيڪڙو حصو ملندو.
اسٽيڊيم جي ملڪيت حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن وٽ ئي رهندي، جڏهن ته پي سي بي کي انتظامي معاملن سميت تجارتي ۽ نشرياتي حقن تي مڪمل اختيار حاصل هوندو.
معاهدي تحت پي سي بي نياز اسٽيڊيم کي عالمي معيار موجب اَپ گريڊ ڪندو ته جيئن هتي عالمي، فرسٽ ڪلاس ۽ پي ايس ايل ميچون ڪرائڻ ممڪن ٿي سگهي.
واضح رهي ته 1959ع ۾ قائم ٿيل نياز اسٽيڊيم ۾ لڳ ڀڳ 15 هزار تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش آهي.
هتي 1962ع ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي شروعات ٿي، جڏهن ته 1973ع جي سيزن ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ڪرائي وئي، جيڪا بنا نتيجي ختم ٿي.
نياز اسٽيڊيم ۾ ان کانپوءِ وڌيڪ 4 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ويون، جن ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪرڪيٽ تاريخ جي 1000 هين ٽيسٽ به شامل هئي.
1987ع جي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ به نياز اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان موقعي تي اسٽيڊيم تماشائين سان ڀريل هو.
بهرحال سهولتن جي کوٽ ۽ رانديگرن جي رهائش سان لاڳاپيل مسئلن سبب نياز اسٽيڊيم جي عالمي حيثيت هوريان هوريان متاثر ٿي ۽ هتي آخري ون ڊي ميچ 1997-98ع جي سيزن ۾ کيڏي وئي هئي.
پي سي بي 2007ع ۾ اسٽيڊيم کي اپ گريڊ ڪيو، جنهن کانپوءِ جنوري 2008ع ۾ پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ هڪ ون ڊي ميچ ٿي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ واپس آئي.
نياز اسٽيڊيم 11 سالن تائين پي سي بي جي انتظام هيٺ رهيو، پر قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي 2 اپريل 2018ع تي مفاهمتي يادداشت رد ڪري اسٽيڊيم جو انتظام ٻيهر پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيو هو.

You might also like