صدر ۽ وزيراعظم جي فيصلي جو انتظار

لاهور(بيورو)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته اپوزيشن سان ٿيل ڳالهين ۾ لڳ ڀڳ سمورن معاملن تي اتفاقِ راءِ ٿي چڪو هو، پر خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ڳالهين کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته اپوزيشن جي وفد ڳالهين ۾ تمام بهتر نموني شرڪت ڪئي ۽ مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ڳالهين ۾ جيڪي وڌ کان وڌ معاملا حڪومت حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪي اپوزيشن حاصل ڪري سگهي ٿي، اهي طئي ٿي چڪا هئا ۽ معاهدو پڻ تيار ٿي ويو هو. مان معاهدي جي ڪاپي صدر وٽ کڻي ويو هئس، جڏهن ته وزيراعظم کي به ڳالهين بابت مڪمل بريفنگ ڏني هئي.محسن نقوي چيو ته هڪ ٻن معاملن تي اختلاف هو، پر 99 سيڪڙو معاملن تي اتفاق ٿي چڪو هو. جڏهن مان صدر سان ملاقات کانپوءِ واپس آيس ته ڊرافٽ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ٻڌايون ويون. چار ڀيرا ڊرافٽ تيار ٿيو ۽ چار ئي ڀيرا ڊرافٽ تبديل ڪيو ويو.گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته اسان کين چيو ته جيڪڏهن فيصلا سهيل آفريدي کي ئي ڪرڻا هئا ته هو پاڻ ڳالهين ۾ اچي ها. ڊرافٽ فائنل ٿيڻ کانپوءِ وڏي وزير ڪي پي چيو ته مان ان کي نٿو مڃان. سهيل آفريدي ڳالهين کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته ڪي پي حڪومت ڳالهين کي ويٽو ڪري ڇڏيندي ته اسان ڳالهيون ئي نه ڪريون ها.هن چيو ته جڏهن توهان غير سنجيده ۽ ناسمجهه ماڻهن کي اهڙين اهم سيٽن تي ويهاريندا آهيو ته ان جو نقصان ملڪ کي ٿيندو آهي. هاڻي اپوزيشن سان وڌيڪ ڳالهيون نه ٿينديون.محسن نقوي جو چوڻ هو ته هڪ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته اسان ڪنهن به صورت ۾ 9 مئي جهڙو واقعو ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين، ڀلي توهان ڪنهن به صورت ۾ اچو. اسان هر حال ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم بحال ڪرائينداسين ۽ جيڪڏهن ڪو نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار صرف ۽ صرف سهيل آفريدي هوندو.هن چيو ته مون ڪالهه واري اجلاس ۾ به اپوزيشن جي وفد تي واضح ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان احتجاج ڪرڻ چاهيو ٿا ته ضرور ڪريو، پر اسان ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.احتجاج ۾ جيڪو به ڪارڪن يا اڳواڻ گرفتار ٿيو، ان خلاف ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ته اسان کين نه ڇڏينداسين، بلڪه انهن خلاف قانوني ڪارروائي جاري رکنداسين محسن نقوي وڌيڪ چيو ته ڳالهين دوران حڪومت پي ٽي آءِ کان لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جو ڪو مطالبو نه ڪيو هو، بلڪه اها درخواست پيپلز پارٽي طرفان ڪئي وئي هئي.هن چيو ته جيڪڏهن لانگ مارچ شروع ڪري ئي ڇڏيو آهي ته جيڪو به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو، اسان ان کي اڳتي وڌڻ نه ڏينداسين. خيبرپختونخوا اندر يا ٻاهر ڪٿي به چڙهائي ڪئي وئي ته اسان انهن جو پيڇو ڪنداسين. جيڪڏهن ان دوران ڪو به جاني نقصان ٿيو ته ان جي سڌي ذميواري ڪي پي جي وڏي وزير تي هوندي.هن چيو ته وفاقي حڪومت رڳو اهو چاهي ٿي ته خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رياست جو ساٿ ڏئي. جيڪڏهن آخرڪار سمورا فيصلا سهيل آفريدي کي ئي ڪرڻا هئا ته پوءِ کيس پاڻ ڳالهين ۾ اچڻ گهرجي ها.محسن نقوي چيو ته هن ڀيري هو چاهين ٿا ته اسلام آباد تي بار بار ٿيندڙ چڙهائين واري هن سلسلي کي هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي. جيڪي به اسلام آباد جو رخ ڪندا يا ڌرڻو ڏيندا، اهي توهينِ عدالت جا مرتڪب ٿيندا. ڪارڪن هجن يا ڪو سياستدان، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هر شخص خلاف ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته  مان علامه ناصر عباس، اسد قيصر، بيرسٽر گوهر ۽ عامر ڊوگر جو شڪريو ادا ڪندس، جن نيڪ نيتي سان ڳالهين ۾ حصو ورتو، پر بدقسمتي سان سندن پارٽي خاص طور تي ڳالهين کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هن چيو ته معاملا هاڻي ون-ون صورتحال تائين پهچي ويا هئا. مان صدرِ پاڪستان کي حتمي ڊرافٽ ڏيکاري واپس آيس ته خبر پئي ته ڪي پي جي وڏي وزير ان ۾ تبديلي ڪئي آهي. هڪ هڪ ڪري معاملن کي حل ڪيو ويو هو، پر واپس اچڻ تي معلوم ٿيو ته ڊرافٽ ۾ ڪافي تبديليون ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. ڊرافٽ چار ڀيرا تبديل ڪيو ويو ۽ راجا ناصر عباس ۽ ٻين کي به پريشان ڪيو ويو.محسن نقوي چيو ته جيڪڏهن فيصلا سهيل آفريدي کي ئي ڪرڻا هئا ته هو پاڻ ڳالهين ۾ اچي ها. هن چيو ته  حڪومتي ميمبرن نيڪ نيتي سان مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حڪومتي ٽيم به ڪريڊٽ جي حقدار آهي. جيڪڏهن اسان کي اندازو هجي ها ته اپوزيشن ڪميٽي ۾ ڪو اهڙو ماڻهو موجود ناهي، جيڪو ڪي پي حڪومت جي نمائندي سان رابطو رکي، ته اسان ڳالهيون ئي نه ڪريون ها. اسان چئي رهيا هئاسين ته ڪي پي ۾ دهشتگردي خلاف اسان سڀني کي گڏ بيهڻ گهرجي.هن چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته حڪومت جا وزير فوج خلاف بيان ڏين ۽ شهيدن جي جنازن ۾ به نه اچن. جيڪڏهن اهي چوندا ته آپريشن فوج ڪندي ته ان ۾ ڪهڙي بندوق استعمال ٿيندي ۽ ڪهڙي گولي استعمال ٿيندي؟ وڏي وزير ڪي پي رات 9 لڳي 15 منٽن تي سرگرم ٿين ٿا، هڪ ڀيرو تبديلي جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻيهر تبديلي جي ڳالهه ڪن ٿا. هو ائين ڇو چئي رهيا هئا ۽ انهن جو مقصد ڇا هو؟هن چيو ته اتي ساڻن گڏ ويٺل ماڻهن چيو ته اسان هن معاملي تي بلڪل ڳالهائڻ وارا ناهيون.ان کان اڳ محسن نقوي لاهور ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ محسن نقوي پنهنجي گهر پهتو.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي گذريل 24 ڪلاڪن دوران اها ٻي ملاقات هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ گهرو وزير محسن نقوي پريس ڪانفرنس ڪئي.ان کان علاوه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صدر آصف علي زرداري سان پڻ رابطو ڪيو.ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڳالهين بابت حڪومتي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.

پشاور(عوامي آواز نيوز)پشاور ۾ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وفاقي گهرو وزير جي ملاقات ٿي، جنهن دوران صوبي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.پڌرائي موجب گورنر ۽ وفاقي گهرو وزير صوبي کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.پڌرائي موجب جيڪڏهن صدر ۽ وزيراعظم گورنر راڄ يا ايمرجنسي ضروري سمجهن ٿا ته گورنر هائوس پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندو،پڌرائي موجب لانگ مارچ ۾ سرڪاري هيليڪاپٽر ۽ سرڪاري وسيلن جو استعمال عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي هوندو.

You might also like