پاڪستان بابت لڳ ڀڳ 25 سال اڳ مون نااميديءَ وارو رويو ڇڏي اميد تي ڀروسو ڪرڻ شروع ڪيو هو. مان مايوس نه پر، پر اميدوار ماڻهو آهيان. مان گپ ۾ به ڪنول ڳوليندو رهندو آهيان. گهُپ اونداهيءَ ۾، جڏهن هر ڪو اونداهيءَ جون خاميون ڳڻائي رهيو هوندو آهي، تڏهن مان ان ڏيئي کي ڳوليندو آهيان، جيڪو جيئن ئي ٻرندو آهي ته اونداهي ختم ٿيڻ لڳندي آهي. چوڌاري اهو ئي چرچو آهي ته سڀ ڪجهه ٽٽي رهيو آهي، پر حقيقت اها به آهي ته هن ٽٽڻ جي اندر ڪجهه نئون به جنم وٺي رهيو هوندو آهي. گپ ۾ ڪنول ڳولڻ عادت به ٿي سگهي ٿي، ان کي حقيقتن کان اکيون چورائڻ جو نالو به ڏئي سگهجي ٿو ۽ اهو الزام به لڳي سگهي ٿو ته آخر ڪاري کي اڇو ڪري ڇو ڏيکاريو پيو وڃي؟ جڏهن به اهو موضوع بحث هيٺ ايندو آهي ۽ ماڻهو ملڪ ۽ معاشري جي تباهي، هر شيءِ جي ٽٽڻ ۽ اونداهيءَ جا دليل ڏيندا آهن، تڏهن منهنجو جواب اهو هوندو آهي ته پاڪستان جي هر فرد ۽ هر گهراڻي گذريل 25 سالن دوران هن گهُپ اونداهي ڀڃ ڊاهه ۽ گپ جي وچ ۾ معاشي بهتري ڏٺي آهي، هر فرد ۽ گهراڻي جي زندگيءَ جي معيار ۾ واڌارو آيو آهي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڳ سائيڪل هلائيندو هو ته هاڻي موٽر سائيڪل تي اچي ويو آهي. جيڪڏهن هفتي ۾ هڪ ڏينهن گوشت کائيندو هو ته هاڻي ٽي ڏينهن کائي ٿو. جيڪڏهن اڳ وٽس رڳو هڪ وڳو ڪپڙن جو هوندو هو ته هاڻي ان وٽ مختلف رنگن جا ست جوڙا موجود آهن. اڳ گرميون وڻن جي ڇانوَ ۾ گذاريندو هو ته هاڻي ايئرڪنڊيشنر ۾ ويهي ٿو. پاڪستان ٺهيو ته ملڪ ۾ هڪ يونيورسٽي هئي، هاڻي اهي چار سئو تائين پهچي چڪيون آهن. اڳ عورتن جي خواندگيءَ جي شرح هڪ سيڪڙو هئي، هاڻي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين جو انگ ڇوڪرن کان به وڌيڪ نظر اچي ٿو. منهنجو يقين آهي ته معاشري ۾ بيشڪ سوين خرابيون موجود آهن، پر ان جي باوجود اسان اڻ محسوس طريقي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. معاشرو جتي 25 سال اڳ بيٺو هو، اڄ ان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. هر خطي جا ماڻهو پنهنجي ماحول، جاگرافي ۽ تاريخ کان متاثر ٿيندا آهن. انسان جي جينياتي بناوٽ ۾ تبديلي ۽ سندس سوچ به انهن ئي عنصرن سان ڳنڍيل هوندي آهي. اسان غم، ڏک، تڪليف، وڇوڙي ۽ مايوسيءَ جي ميدان جا ماهر آهيون. موت کي جنهن انداز سان اسان ياد ڪري ماتم ڪرڻ ڄاڻون ٿا، شايد ئي ڪو ٻيو سماج اهڙي نموني ڄاڻيندو هجي. آمريڪا ۾ روزانو طوفان، برساتون ۽ قدرتي آفتون اينديون رهنديون آهن، پر اسان وٽ ڪا غيرمعمولي آفت اچي وڃي ته ان کي لوڪ داستانن ۾ سالن تائين ياد ڪري روئندا رهون ٿا.
اسان جي مجموعي سوچ ۾ خوشي، اميد، سک ۽ مستقبل بابت مثبت توقعن جو حصو دنيا جي ٻين انسانن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان کي لڳي ٿو ته دنيا ۾ سڀ کان خراب حالت اسان جي آهي. اسان جا حڪمران سڀ کان وڌيڪ ظالم آهن، اسان جو معاشرو ڪڏهن به درست نٿو ٿي سگهي، سياستدان دنيا جا سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ماڻهو آهن ۽ سڀ صحافي وڪاميل آهن. مايوسيءَ جي هن ملاوٽ اسان جي چوڌاري پکڙيل گپ کي ڌٻڻ بڻائي ڇڏيو آهي، جتي اميد جي بدران نااميدي سماجي سڪو بڻجي چڪي آهي. پر جيڪڏهن گپ ۾ ڪنول ڏسڻ ڇڏي ڏيون ته ذهني سڪون، قومي استحڪام ۽ ملڪ جو مستقبل سڀ هڪ ٻئي ۾ گڊمڊ ٿي ويندا. اچو ته اونداهين ۾ ڏيئا ۽ گپ ۾ ڪنول جون ڪهاڻيون ڳوليون.
اسان جي اجتماعي يادگيريءَ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز دنيا جي بهترين هوائي خدمتن مان هڪ طور محفوظ آهي. انهيءَ ڪري پي آءِ اي جو زوال ۽ ان جون خرابيون قومي بحث جو حصو ۽ اخبارن توڙي ٽي وي چينلن جون مکيه سرخيون بڻجنديون رهيون آهن ۽ اڳتي به بڻجنديون رهنديون. پي آءِ اي جي بنيادي خرابي ان جو سرڪاري ماڊل هو. دنيا ۾ هاڻي حڪومتن لاءِ ڪاروبار، خاص طور تي هوائي ڪمپني هلائڻ، اڳ وانگر منافعي وارو ڪم نه رهيو آهي. رڳو پي آءِ اي ئي زوال جو شڪار نه ٿي، پر ساڳئي سرڪاري ماڊل تحت هلندڙ ايئر انڊيا ۽ برٽش ايئرويز به اهڙي زوال مان گذريون. برطانيا ۽ ڀارت جڏهن پنهنجين هوائي ڪمپنين کي خانگي شعبي حوالي ڪيو ته اهي ٻيهر اڳتي وڌڻ لڳيون. پاڪستان به دير سان ئي سهي، پر هاڻي ان ڪامياب ماڊل جي پيروي ڪئي آهي. ان جا مثبت نتيجا ضرور سامهون ايندا، پر ماڻهو جيڪڏهن اها اميد رکن ته هڪ ئي رات ۾ سڀ ڪجهه تبديل ٿي وڃي ته اهو ممڪن ناهي. منهنجي ڄاڻ موجب، جيڪڏهن جهازن جي سيٽن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو وڃي ته ان تي عملدرآمد ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا لڳي سگهن ٿا.
ايندڙ مهيني جي آخر تائين چار نوان بوئنگ ڊريم لائنر 787 جهاز هوائي ٻيڙي ۾ شامل ٿي ويندا. انهن چئن ئي جهازن کي برطانيا لاءِ مخصوص ڪيو ويندو. اها به ڄاڻ ملي آهي ته پي آءِ اي لاءِ نئين وردي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سبز هلالي پرچم جو رنگ نمايان طور نظر ايندو. نئين وردي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ چار فيشن شو منعقد ڪيا ويا ۽ انهن مقابلن کان پوءِ نئين وردي چونڊي وئي.
ڀارت جي ماڻهن جي جينياتي بناوٽ ۽ سوچ اسان سان ڪجهه حد تائين هڪجهڙائي رکي ٿي. حسد، عناد ۽ دشمنيءَ سبب اتي انهن فيشن شوز جو اهو چئي مذاق اڏايو ويو ته جهازن جون سيٽون ٽٽل آهن، پر زور فيشن شوز ۽ ورديءَ تي ڏنو پيو وڃي. پي آءِ اي جي نون مالڪن ان طنز کي سنجيدگيءَ سان ورتو ۽ مذاق ۾ چيو ته جيئن اسان ڀارتي هوائي فوج کي جواب ڏنو هو، تيئن هوائي ڪمپني بابت به جواب ڏينداسين.پي آءِ اي هلائڻ لاءِ هڪ غيرملڪي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جيڪو جلد پاڪستان اچي انتظام سنڀاليندو. جيڪڏهن پي آءِ اي ڪامياب ٿئي ٿي ته اهو پاڪستان جي ڪاميابي به هوندي ۽ هر مايوس ماڻهوءَ کي اميد ملندي. اونداهيءَ ۾ ڏيئو ٻرڻ ۽ گپ ۾ ڪنول جو پيدا ٿيڻ شايد ان ئي عمل کي چئبو آهي.
موجوده حڪومتي بندوبست اچڻ کان وٺي معدني وسيلن ۽ خليج جي پيٽرول ڊالرن ذريعي پاڪستاني معيشت کي سنوارڻ جو وڏو چرچو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، تنهن هوندي به هن وقت تائين ان حوالي سان ڪا وڏي خوشخبري سامهون نه آئي آهي. مليل ڄاڻ موجب هڪ غيرملڪي ڪمپني سون جي خام ذخيرن مان جيترو سون ڪڍي رهي هئي، ان جو ڏهون حصو به پاڪستان کي نه ڏنو پئي ويو. پر جڏهن ان ڪمپني جا عالمي اثاثا سامهون آيا ته معلوم ٿيو ته ٿورن ئي سالن جي عرصي ۾ انهن ۾ اربين ڊالرن جو اضافو ٿيو هو. معاملو سامهون اچڻ کان پوءِ پاڪستان پنهنجي طور تي خانگي ادارن ذريعي اهي مشينون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جن جي مدد سان خام سون مان خالص سون الڳ ڪيو ويندو آهي. انهن مشينن جي درآمد، تنصيب ۽ پيداوار شروع ٿيڻ ۾ ٽي سال لڳندا، جنهن کان پوءِ ملڪ کي پنهنجي جائز حصي مان فائدو ملڻ شروع ٿيندو.
ملڪ بابت مايوسي پکيڙيندڙن جو شايد ٻيو ڪو علاج نه هجي، پر پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائي کين ڀرپور جواب ضرور ڏئي سگهجي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي پاڪستان ۾ پنهنجون ٻيڙيون ساڙي ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃي چڪا آهن، نه ته پاڪستانين جي ڏکن کي سمجهي سگهن ٿا ۽ نه ئي انهن جي تڪليفن جو صحيح ازالو ڪري سگهن ٿا. پاڪستان اندر رهندڙ ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ بدلائڻي پوندي. اسان انفرادي طور تمام ذهين ۽ ڪامياب آهيون، پر اجتماعي نظام جوڙڻ ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون. اسان وٽ دنيا جي بهترين آئينن مان هڪ لکيل صورت ۾ موجود آهي، پر ان تي عملدرآمد ۽ ان جي روح کي عملي شڪل ڏيڻ اڃا تائين ممڪن نه بڻجي سگهيو آهي. قومون منظم آئين ۽ قانون جي اجتماعي نظام ذريعي ئي اڳتي وڌنديون آهن. اسان جي ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ فوج توڙي سول ادارن وچ ۾ تضاد سڀ کان وڏن مسئلن مان آهن.
جيڪڏهن اسان 1973ع ۾ گڏيل اتفاق سان دنيا جي بهترين دستور مان هڪ جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهياسين، پنهنجي کان پنج ڀيرا وڏي ڀارت کي جنگ ۾ شڪست ڏئي سگهياسين، ۽ انفرادي سطح تي اسان جا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ مالدار ماڻهو سڄي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمائي سگهن ٿا، ته پوءِ اسان پنهنجي اجتماعي غلطين تي به قابو پائي سگهون ٿا. اسان وٽ گپ ۾ ڪنول پوکڻ ۽ ان کي وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي؛ ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته مايوسيءَ جي ڌٻڻ مان نڪري اميد، نظم ۽ عملي جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو وڃي.