مٺي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ کي نون صوبن بدران نظام جي بهتري جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسلام آباد انتظام هلائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي ته پوءِ ان کي ٿر جي حوالي ڪيو وڃي.
ٿر ڪول فيز ٿري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ماضيءَ ۾ اسلام آباد جا ماهر ٿر جي ڪوئلي کي بيڪار قرار ڏيندا هئا، پر اڄ ساڳئي ڪوئلي مان 2 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، جڏهن ته ٿر ۾ بجلي جي پيداوار 600 ميگاواٽ کان وڌي 2 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي.
هن چيو ته ٿر ۾ ٿيندڙ تبديلي سڄي ملڪ لاءِ حيران ڪندڙ آهي، جتي ٻار تعليم جي ميدان ۾ به نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن. ٿر جي ترقي 1973ع جي آئين، ارڙهين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ڪاميابي جو روشن مثال آهي.
بلاول ڀٽو موجب، ٿر ڪوئلي جي منصوبن سان 1ڏهائي 6 ارب ڊالر جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو پيو وڃي، جڏهن ته ٿر جي ترقي سان مقامي نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيا آهن.
هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ صوبائي خودمختياري تحت ٿر جو ماڊل ترقي ۽ روزگار جو هڪ عملي تجربو پيش ڪري ٿو، جنهن جي بنياد تي وڌيڪ منصوبن ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا.
سندس چوڻ هوته ٿر جي صلاحيت ۾ مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ توانائي، صنعت ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي.
سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪجهه عنصر ٿر جي ترقي هضم نٿا ڪري سگهن ۽ ڪراچي ۾ نفرت جي سياست کي هٿي ڏئي رهيا آهن، پر سنڌ ۾ اهڙي سياست ڪامياب نه ٿيندي، ڇو ته ٿر جا ماڻهو ترقي جي سفر تي اڳتي وڌڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته نون صوبن جو منطق سمجهه ۾ نٿو اچي، ملڪ کي نون صوبن بدران نظام جي بهتري جي ضرورت آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت اسلام آباد هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ته کين ذميواري ڏني وڃي، هو اسلام آباد جي اسڪولن ۽ اسپتالن کي به ٿر جيان بهتر بڻائيندا.
بلاول ڀٽو چيو ته ٿر جا ٻار اڄ تعليم جي ميدان ۾ ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن.
ٿر جا ٻار سي ايس ايس جي امتحانن ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ٿر جو هڪ شاگرد چين ۾ به امتحان ٽاپ ڪري چڪو آهي.
هن چيو ته اهي ڪاميابيون ثابت ڪن ٿيون ته جيڪڏهن پٺتي پيل علائقن جي ٻارن کي معياري تعليم، موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اهي ڪنهن کان پوئتي نٿا رهن، ٿر جي ٻارن جون ڪاميابيون سڄي پاڪستان لاءِ فخر آهن.
نون صوبن بدران نظام بهتر ڪريو، اسلام آباد نه ٿو هلي ته ٿر جي حوالي ڪيو: بلاول ڀٽو
You might also like