حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) خلاف شاگردن جي 77 ڏينهن کان جاري احتجاج جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو نوٽيس وٺي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت جو وفد حيدرآباد ۾ شاگردن جي احتجاجي ڪئمپ تي پهتو.
سنڌ حڪومت جي وفد ۾ پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه، حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو ۽ ٻيا شامل هئا.
احتجاج ڪندڙ شاگردن وفد آڏو موقف اختيار ڪيو ته سال 2024ع جي گڏيل چٽاڀيٽي واري امتحان جي نتيجن ۾ من پسند ماڻهن کي فائدو ڏنو ويو.
شاگردن مطالبو ڪيو ته امتحاني نتيجن ۽ مبينا بي ضابطگين جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڀرتين واري عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.
ان موقعي تي پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احتجاج ڪندڙ شاگردن جا مطالبا اڄ ئي پارٽي قيادت تائين پهچايا ويندا.
عاجز ڌامراهه چيو ته هو ان کان اڳ سياسي ڪارڪن طور شاگردن سان همدردي خاطر احتجاجي ڪئمپ تي آيو هو، ان وقت شاگردن سان ڪا ڪميٽمينٽ نه ڪئي هئي ۽ نه ئي اهو چيو هو ته سندن مطالبا وڏي وزير تائين پهچايا ويندا.
هن چيو ته اڄ هو پارٽي قيادت جي مينڊيٽ تي احتجاجي ڪئمپ تي آيا آهن ۽ ميڊيا ذريعي واضح ڪن ٿا ته شاگردن جا مطالبا اڄ ئي پارٽي قيادت تائين پهچايا ويندا.
ايس پي ايس سي نتيجن خلاف شاگردن جو 77 ڏينهن کان احتجاج جاري، بلاول ڀٽو جي نوٽيس بعد حڪومتي وفد ڪئمپ پهتو
You might also like