ڪراچي (ويب ڊيسڪ(سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار جي ايم ڊي ڪيٽ بابت پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي ۽ ٿر جا ٻار اسان جا ٻار آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ايم ڊي ڪيٽ امتحان ۾ بي ضابطگين جا ڪي ثبوت موجود آهن ته اهي سامهون آندا وڃن.
سندس چوڻ هو ته ريڊ لائن بي آر ٽي جي ڪم سان ايم ڊي ڪيٽ امتحان جي ڀيٽ ڪرڻ مناسب ناهي.
سينيئر صوبائي وزير فاروق ستار کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو ٻڌائي ته ڪراچي جي ٻارن کي ڀتاخوري ۽ ٻوري بند لاشن جو ڪلچر ڪنهن ڏنو هو.
هن الزام لڳايو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ ڪراچي جي ٻارن جي هٿن ۾ هٿيار ڏنا.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي توڙي ٿر جي شاگردن سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي ۽ ايم ڊي ڪيٽ بابت اٿاريل اعتراضن کي ثبوتن جي بنياد تي ڏسڻ گهرجي.
واضح رهي ته فاروق ستار اڄ ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جي نتيجن ۽ امتحاني انتظامن بابت سوال اٿاريندي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو هو.
You might also like