آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز جي رپورٽ موجب 1200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون جي قيمت 4 لک 37 هزار 536 رپيا ٿي وئي آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون جي قيمت ۾ 1029 رپين جو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ 10 گرام سون 3 لک 75 هزار 116 رپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت 12 ڊالر وڌي 4150 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.