ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته اسڪولن جي ترقي ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ رکيل فنڊ ٻارن جي سهولتن تي خرچ ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن موجودا نظام تي لڳاتار ٻن سالن تائين ڪم ڪيو وڃي ته ان کي ٽريڪ تي آڻي سگهجي ٿو.
سردار شاهه چيو ته هن فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن سان گڏجاڻيون ڪيون آهن، جن دوران مختلف رنڊڪن جي نشاندهي ٿي آهي، جڏهن ته مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ گڏجاڻيون پڻ جاري آهن.
هن چيو ته ايڊ پلاننگ وارن کي واضح ڪيو وڃي ته اهي ٻارن جا پئسا آهن، جيڪي ڊيسڪن، اسڪولن جي رنگ روغن، ڇتن ۽ ٻين بنيادي سهولتن لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن.
تعليم واري وزير چيو ته ايس ايس بي انفراسٽرڪچر ۽ اختيارن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان هڪ انقلابي قدم آهي، ان کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ اهو نظام بند ٿيو ته اسان ٻيهر پراڻين حالتن ڏانهن موٽي وينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته ٻن ڪمرن جي مرمت لاءِ لکين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، پر ان باوجود ڪمرن جي حالت اهڙي هوندي آهي جو لڳي ٿو ڄڻ مناسب نموني مرمت ئي نه ٿي آهي.
You might also like